حڪومت تيل مهانگو ڪري ڪاروبار کي تالا هڻائي ڇڏيا: شهري ڪاروبار بند ڪري رستن تي اچي ويا

حڪومت تيل مهانگو ڪري ڪاروبار کي تالا هڻائي ڇڏيا: شهري ڪاروبار بند ڪري رستن تي اچي ويا

جاتي/جهوڪ/ميرپور بٺورو/چوهڙ جمالي (نمائندن وٽان) تيل اگهن ۾ واڌ خلاف مختلف شهرن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، واپارين سوڌو مختلف سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان سلسلي ۾ جاتي ۾ تاجر ايسوسيئيشن سجاول جي سڏ تي واپارين ۽ آبادگارن سميت مختلف تنظيمن پاران مڪمل شٽر بند هڙتال ڪرڻ بعد حاجي ابوبڪر ميمڻ،سڪندر ميمڻ،عزيز ميمڻ، عادل لغاري،ذوالفقار ترڪ، علي وارث شاهه، رزاق ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ريلي ڪڍي، اڳواڻن چيو ته حڪومت عوام تي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو بم ڪيرايو آهي جنهن سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، وڌايل قميتون فورن ختم ڪيون وڃن. جهوڪ شريف ۾ پيٽروليم اگهن ۾ واڌ خلاف واپاري ايسوسيئيشن طرفان شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ننڍا وڏا دڪان ۽ ڪاروبار مڪمل طور بند رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  واپاري ايسوسيئيشن اڳواڻن حاجي خان جلالاڻي، سائين بخش ٺاراڻي، ڪريم بخش ڪٻر، راڻا ظفر جٽ، حافظ عديل ڀٽي، صوفي ظھير ۽ ٻين چيو ته حڪومت تيل اگهن ۾ واڌ ڪري عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته زراعت کي مڪمل طور تباھه ڪيو ويو آهي، تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪريون ٿا، مهانگائي جي ڪري هر ماڻهو پريشان ٿي ويو آهي. ميرپوربٺورو ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل سميت مختلف شين جي اگھن ۾ واڌ خلاف ضلعي سجاول جي واپاري تنظيم انجمن تاجران جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري مُک اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي واپاري اڳواڻن عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر غلام رسول زئور ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته خراب حڪمراني سبب عوام معاشي تباھي جي ور چڙھي ويو آھي، غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي،  عوام ۾ ھاڻي برداشت ناھي رھي، مهانگائي گهٽ ڪئي وڃي، احتجاج ۾ فقير محمد علي خواجه، ڏاڏا شورو، عبدالغني ملاح، ساگر مجيد پرھياڙ، نعمان شورو، خالد کٽي، پنھل سولنگي، قاسم رنگريز، جبار زئور، نويد گُرو زئور، بابو خيرپوري ۽ لعل بخش کاڙڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي. چوھڙجمالي ۾ به تيل اگهن ۾ واڌ خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، واپاري ايسوسيئيشن چوھڙجمالي پاران شھر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو ويو، پيٽرول پمپن سميت شھر جا مين ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند ھئا، واپاري ايسوسيئيشن پاران شاھبندر پريس ڪلب کان ھڪ  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. واپاري ايسوسيئيشن جي صدر محمد صديق نوراني ،حاجي محمد امين ميمڻ،شڪيل کٽي، فقير اقبال ميمڻ، فاروق آزاد ۽ ٻين تيل اگهن ۾ لاٿ جي گهر ڪئي.