حڪومت جون امن لاءِ سفارتي ڪوششون تيز: شهباز جو پزشڪيان ۽ ڊار جو عراقچي سان رابطو: اهم مشاورت

حڪومت جون امن لاءِ سفارتي ڪوششون تيز: شهباز جو پزشڪيان ۽ ڊار جو عراقچي سان رابطو: اهم مشاورت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم جي ايراني صدر سان گفتگو لڳ ڀڳ 45 منٽ جاري رهي. وزيراعظم آفيس موجب، خوشگوار ۽ دوستانه گفتگو دوران وزيراعظم 11-12 اپريل تي ڳالهين لاءِ وفد موڪلڻ تي صدر پزشڪيان ۽ ايراني قيادت جو شڪريه ادا ڪيو. وزيراعظم ايراني صدر کي سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه سميت مختلف عالمي اڳواڻن سان تازين ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ چيو ته: “پاڪستان دوست ملڪن جي تعاون سان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصانه ۽ سنجيده ڪوششون جاري رکندو.” ٽيليفونڪ گفتگو ۾ وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر آيت الله مجتبىٰ خامنه اي لاءِ نيڪ تمنائن جو پڻ اظهار ڪيو. ايراني صدر مسعود پزشڪيان امن جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مضبوط عزم تي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جو شڪريه ادا ڪيو ۽ چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپا ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ ۾ ٽيلفونڪ رابطو ٿيو. جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ اهم مشاورت ٿي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين جاري رکڻ،  پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ سفارتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان مطابق ٻنهي اڳواڻن جو ويجهي رابطي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو. موجوده مسئلن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه کي لازمي قرار ڏنو ويو. پاڪستان جون خطي ۾ امن لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ٿي ويون.