حڪومت جو عافيه صديقي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ کان انڪار

جُون 30, 2025

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آمريڪي عدالت ۾ عافيه صديقي ڪيس ۾ قانوني مدد فراهم ڪرڻ ۽ ڌر بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس سردار اعجاز جي عدالت ۾ڊاڪٽر عافيه صديقي جي صحت ۽ وطن واپسي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران درخواستگذار جو وڪيل عمران شفيق، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت آمريڪا ۾ هن ڪيس ۾ ڌر نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جسٽس سردار اعجاز پڇيو ته هي فيصلو ڇو ڪيو ويو؟ ڪهڙا سبب آهن؟ ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هي حڪومت جو فيصلو آهي.

جسٽس سردار اعجاز چيو ته جڏهن حڪومت يا اٽارني جنرل ڪو فيصلو ڪندو آهي ته ان جا سبب هوندا آهن. ڪو به فيصلو بنا سبب جي نه ٿيندو آهي. هي هڪ آئيني عدالت آهي. اهو ممڪن ناهي ته عدالت اچي ۽ فيصلو ٻڌائي پر سبب نه ٻڌائي.

عدالت بعد ۾ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته 4 جولاءِ تي ٻڌڻي تي سببن کان آگاهه ڪيو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ