اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستاني معيشت کي بچائڻ لاءِ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ وڏن وزيرن جو وڏو فيصلو، پرڏيهي سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل قائم، آرمي چيف خاطري ڪرائي ته پاڪ فوج معاشي بحالي لاءِ حڪومتي پلان جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي
حڪومت معاشي بحالي لاءِ جامع پلان جاري ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي معاشي بحالي واري پلان تي اسپيشل انويسٽيمينٽ فيسِيلِيٽيشن ڪائونسل جو پهريون اجلاس ٿيو، آرمي چيف، وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن ۽ سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي
اجلاس جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته اڪنامڪ رِوائيوَل پلان جو مقصد معاشي بحران حل ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ماحول تيار ڪرڻ آهي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ ملڪي صلاحيت مان فائدو ورتو ويندو
پلان تحت دوست ملڪن سان سيڙپڪاري وڌائي ويندي، هڪ حڪومت ۽ اجتماعي حڪومت جي تصور کي هٿي ڏني ويندي ته جيئن سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار آڏو رنڊڪون ختم ڪري سگهجن، پلان تي عمل لاءِ قائم ايس آءِ ايف سي سيڙپڪاري ۾ سهولت لاءِ سِنگل ونڊو جو ڪردار ادا ڪندي، وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي وڌائي ويندي ته جيئن هڪ رٿا تي ڌار ڌار ڪوششن جو رجحان ختم ٿي وڃي
آرمي چيف پاران معاشي بحالي واري پلان جي حمايت ۽ پلان تي عمل لاءِ ڪوششن ۾ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي
اسپيشل انويسٽيمينٽ فيسِيلِيٽيشن ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اڪنامڪ رِوائيوَل پلان کي سماجي ۽ معاشي خوشحالي سوڌو دنيا ۾ جائز مقام بحال ڪرڻ جو بنياد سمجهون ٿا، فوج پلان تي عمل جي ڪوششن ۾ حڪومت سان سهڪار ڪندي
ڪائونسل کي خطاب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي تباهه ٿيل معيشت ورثي ۾ ملي، حڪومت دليراڻن فيصلن وسيلي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي رهي آهي، اڃا به ڪيترائي چئيلنجز سامهون اچي رهيا آهن
هن چيو ته فيصلو ڪيو آهي ته اجتماعي سوچ سان پلان تي عمل لاءِ وفاق ۽ صوبن ۾ ڀائيواري جو طريقو اختيار ڪيو ويندو
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پرڏيهي سيڙپڪاري سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ نوجوانن توڙي عورتن کي روزگار ملندو، اچو ته ملڪ لاءِ ڀرپور صلاحيت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجايون