حڪومت جو پيٽروليم اگهه گهٽائڻ کان انڪار، قيمتون برقرار: عوام کي بجلي سستي ڪرڻ جو دلاسو

مارچ 16, 2025

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم پاران پيٽروليم شين جي قيمتن کي موجوده سطح تي برقرار رکڻ ۽ بجلي جي قيمتن ۾ لاٿ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم جي قيمتن کي اڳوڻي سطح تي برقرار رکندي ان جو پورو مالي فائدو بجلي جي قيمتن ۾ عوام کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هي قدم ٻين ڪيترن ئي قدمن مان هڪ آهي جيڪو بجلي جي قيمتن ۾ اهم گهٽتائي جو سبب بڻجندو.  هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان هڪ پيڪيج تيار ڪيو پيو وڃي، جنهن جي تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. وزير اعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ ردو بدل جي فرق سان پيدا ٿيندڙ مالي گنجائش ۽ ٻين قدمن سان بجلي جي قيمتن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جو پيڪج تيار آهي، بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت پيڪيج جو اعلان ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ڪيو ويندو. حڪومت سنڀاليندي ئي عوام کي رليف ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.  وزيراعظم چيو ته هن رليف سان نه رڳو بجليءَ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي پر ان جو اثر مجموعي مهانگائي تي پوندو ۽ مهانگائيءَ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. جڏهن ته پيٽرول جي قيمت 255 رپيا 63 پئسا في لٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 258 رپيا 64 پئسا، لائيٽ ڊيزل 153 رپيا 34 پئسا، گاسليٽ 168 رپيا 12 پئسا في لٽر ساڳئي قيمت ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رهندي.

 

Leave A Comment