حڪومت جي سخاوت: پيٽرول 9 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 7 رپيا لٽر سستو

جُولاءِ 15, 2023

اسلام آباد .(پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت پيٽرول سستو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي

 ته پيٽرول قيمت ۾ 9 رپيافي لٽر گھٽتائي ڪئي پئي وڃي. تازي گھٽتائي کان پوءِ پيٽرول 253 رپيا في لٽر ٿي ويندو. نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي وينديون

 ٻئي پاسي حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾7 رپيا في ليٽر لاٿ جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي وزير موجب هاڻي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 253 رپيا 50 پئسا هوندي

Leave A Comment