حڪومت جي ڪارڪردگي اشتهارن ذريعي عوام آڏو رکڻ جو فيصلو

جُولاءِ 15, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اتحادي حڪومت جي 15 مهينن جي ڪارڪردگي، ڇا حاصل ڪيو ڇا وڃايو؟

وفاقي حڪومت پاران پنهنجي ڪارڪردگي اشتهارن ذريعي عوام جي سامهون رکڻ جو فيصلو، وزيراعظم شهباز شريف موجوده حڪومت جي 15 مهينن جي ڪارڪردگي تي سڌ سماءَ وزارت کي ڀرپور ميڊيا مهم هلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 ذريعن مطابق رپورٽ ۾ اتحادي حڪومت جي مشڪلن، چيلينجز جو ذڪر هوندو، جن منصوبن ۽ پروگرامن جو حڪومت آغاز ڪيو اهي به عوام جي سامهون آندا ويندا، آءِ ايم ايف معاهدي جي مشڪلاتن ۽ ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويندو

 ذريعن مطابق مسلم ليگ (ن) ان ڪارڪردگي کي پنهنجي چونڊ مهم ۾ استعمال ڪندي، سڌ سماءَ وزارت حڪومت جو وقت ختم ٿيڻ کان پهرين پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ مهم هلائيندي

Leave A Comment