حڪومت جي ڳالهين جي مشروط آڇ: عمران پاران سول نافرماني تحريڪ ملتوي، اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات جي خواهش ظاهر
ڊسمبر 18, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين وارو معاملو ايوان ۾ پهچي ويو، نواز ليگ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ڳالهيون تڏهن اڳتي وڌي سگهن ٿيون جڏهن اسان جي مطالبن تي واضح ڳالهايو ويندو ۽ اسان جون شڪايتون ۽ معيارون ختم ڪيون وينديون. قومي اسيمبلي جي فلور تي ڳالهائيندي، وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته توهان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي جوڙي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ حڪومت کي باضابطا نياپو ته اُماڻيو، پي ٽي آءِ سنجيده آهي ته حڪومت کي نياپو ڏئي ته ڳالهيون ڪرڻ گهرون ٿا، اسان اسپيڪر کي چونداسين ته وزيراعظم سان ڳالهائي، هن چيو ته اسپيڪر وٽ ويهي معاملي کي هاڪاري طريقي سان اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، جيستائين حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڊائلاگ نه ٿيندا، سسٽم نه هلي سگهندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته اسان ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، حڪومت به سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي ڳالهيون ڪري. هن چيو ته ڳالهيون تيستائين ڪامياب نه ٿينديون، جيستائين گڏجي نه ويهنداسين، خواجه آصف يا راڻا ثناءُ الله ڳالهين جي حڪومت سان حڪومت جي باضابطا موقف کان آگاهه ڪري سگهن ٿا شير افضل مروت چيو ته پنهنجي تڪ ۾ نه ٿو وڃي سگهان، طالبان قبضو ڪري ورتو آهي، سڄو ملڪ غيريقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته حملا ڪيو، سول نافرماني جون تحريڪون هلايو ۽ توهان سان ڳالهيون به ڪيون، اوهان کي سول نافرماني ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪريو. هن چيو ته گذريل ڏينهن به تصديق ڪئي هئي ته اڃا باضابطه ڳالهيون شروع نه ٿيون آهن، گن پوائنٽ تي ڳالهيون نه ٿينديون، شير افضل مروت خوشگوار ڳالهيون ڪيون، پهريون ڀيرو پي ٽي آءِ جي طرفان ٿڌي هوا جو جهوٽو آيو آهي ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر پارليمينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳالهيون تڏهن اڳتي وڌنديون جڏهن اسان جي مطالبن تي واضع ڳالهه ٿئي. اسان جون شڪايتون ۽ معيارون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته اسان پاڻ ڪو ڪم ناهيون ڪندا، اسان خان صاحب کان هدايتون وٺندا آهيون. اسان انهن هدايتن تي عمل درآمد جي رپورٽ باني تحريڪ انصاف آڏو رکندا آهيون. خان صاحب بوس آهي اهو آرڊر ڪندو آهي. اِها ئي اسان جي پاليسي آهي ۽ اها ئي پي ٽي آءِ جي پاليسي آهي. هن چيو ته ڪنهن وٽ اهو حق ناهي ته هو باني تحريڪ انصاف کي ڊڪٽيٽ ڪري، باني تحريڪ انصاف ئي ڳالهين لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ۽ ڪاميٽي کي مينڍيٽ ڏنو. جيڪڏهن ان ۾ پيشرفت ٿي وڃي ٿي ته سٺي ڳالهه آهي. ڳالهين لاءِ انشاءَ الله رابطا ٿي ويندا. جنهن کي رابطو ڪرڻو آهي اهو رابطو ڪري.
اسلام آباد(بيورورپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سول نافرماني جي تحريڪ ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪندي مختلف اپوزيشن اڳواڻن سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. جيل مان جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته تحريڪ انصاف هميشه آئين ۽ قانون موجب جدوجهد ڪئي آهي پر ٿاڦيل مافيا آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي آهي، 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ ٽرائل هيٺ اڳواڻن جي آزادي اسان جا جائز مطالبا آهن. هن چيو ته سول نافرماني جي تحريڪ ڪجهه ڏينهن ملتوي ڪري رهيو آهيان ان دوران تحريڪ جي تفصيلن ۽ ٽائم لائن جو فيصلو ڪندس. ستن سببن جي ڪري سول نافرماني جي تحريڪ لازمي آهي. هن چيو ته 2023ع ۾ لنڊن پلان تحت پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جون چونڊون آئين جي ابتڙ 90 ڏينهن ۾ نه ڪرايون ويون، ڇاڪاڻ ته چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻو هو. 9 مئي کان اڳ ئي مون تي 140 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، رينجرز مون کي اسلام آباد مان اغوا ڪيو جنهن کي سپريم ڪورٽ غيرقانوني قرار ڏنو، 9 مئي هڪ فالس فليگ آپريشن هو جنهن تحت اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ مقصد هو، 10 هزار ماڻهو گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ جيل ۾ وڌو ويو، تشدد ڪيو ويو، گهر ٽوڙيا ويا، خاندانن کي هراسان ڪيو ويو، ضمانتون ملندي ئي نون ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويندو هو، اهو سڀ غيرقانوني ۽ غيرآئيني هو. سپريم ڪورٽ پٽيشن جو نوٽيس نه ورتو قاضي فائز عيسيٰ حڪومت سان مليل هو، 1971ع بعد ڪنهن پارٽي کي ائين رياستي جبر جو نشانو نه بڻايو ويو هو. هن چيو ته هنن کي چونڊون کسڻ جو يقين هو، سڪندرسلطان راجا ۽ قاضي فائز عيسيٰ گڏجي پارٽي نشان کسيو، اميدوارن کي زوري هٿ کڻايو ويو. انجنيئرنگ وسيلي کين ڪاميابي جو ايترو يقين هو جو نوازشريف وڪٽري تقرير لاءِ به تيار هو، پر کيس خبر پئي ته تحريڪ انصاف کٽي پئي پوءِ هنن فارم 47 وسيلي اليڪشن فراڊ ڪيو، ڪمشنر راولپنڊي اهو فراڊ ڪنفرم ڪيو پر پوءِ انصاف جو نظام خاموش رهيو ۽ ڪو نوٽيس نه ورتو. هن چيو ته ان رجيم چينج بعد وارن اڍائي سالن ۾ انصاف جي نالي تي جابراڻو ۽ غيراخلاقي هر حربو استعال ڪيو ويو پر 26هين آئيني ترميم سان عدالتن جي آزادي ۾ آخري ڪو ڪو ٺوڪيو ويو. مرضي جا جج لڳائڻ لاءِ آئين سان کلواڙ ڪيو ويو. ترميم جي منظوري لاءِ حربن تي به عدليا نوٽيس نه ورتو ميڊيا ۾ آواز بلند ڪرڻ جي جرئت هئي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جي فيصلي باوجود تحريڪ انصاف کي اڄ تائين خاص سيٽون نه ڏنيون ويون آهن. اها نه رڳو عدالت جي توهين آهي پر عوامي فيصلي جي توهي آهي جمهوريت تي راتاهو آهي. هن چيو ته 26 نومبر تي اسان جي پرامن ۽ هٿين خالي سياسي ڪارڪنن تي گوليون وسايون ويون، اسان جا ڪارڪن مڪمل طور پرامن هئا، هنن ڪنهن کي نقصان نه پهچايو، انهن جو مطالبو آئين ۽ جمهوريت جي بحالي هو. نه ته امن امان جي صورتحال هئي ۽ نه ئي ڪا ٻي پرتشدد ڪارروائي ٿي پر پوءِ به اسان جا ماڻهو شهيد ڪيا ويا. 12 ماڻهو سج لٿي کان اڳ شهيد ڪيا ويا باقي کي رات جو بجلي بند ڪري گوليون هنيون ويون. هن چيو ته انهن حالتن ۾ جڏهن پاڪستانين کان سمورا آئيني حق کسيا ويا آهن پارليامينٽ ۽سپريم ڪورٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي پرامن احتجاج جو حق کسيو ويو آهي، قانون ۽ آئين جا بنياد لوڏيا ويا آهن پنهنجي ئي ماڻهن کي گوليون هلايون پيون وڃن. ادارن کي عوام جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سول نافرماني تحريڪ شروع ڪرڻ قوم جي مجبوري بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته اپوزيشن اڳواڻن سان جيل ۾ ملاقات لاءِ ويلڪم چوان ٿو پر مون کي هڻ حڪومت مان اميد نه آهي ته اپوزيشن اڳواڻن کي مون سان ملاقات جي اجازت ڏيندا ڇاڪاڻ ته هنن منهنجي پارٽي جي ماڻه سان به ٽن مهينن کان منهنجي ملاقات نه ڪرائي آهي.