| حڪومت حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلھار، بدين ريلوي سيڪشن منصوبو خارج ڪري ڇڏيو |
بدين(رپورٽ: شفيع جوڻيجو) پاڪستان ريلوي کاتي پاران ھڪ کرب رپين جي ريلوي توسيعي واري منصوبي مان بدين لائن تي ھلندڙ حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ماتلي، تلھار، بدين ريلوي سيڪشن کي منصوبي مان خارج ڪري ڇڏيو . 70 لک کان وڌيڪ ابادي واري علائقن سميت بدين ڪينٽ لاءِ ايندڙ سامقن سان گڏ فوجي جوانن جي اچڻ وڃڻ لاءِ ريلوي واري سفري سھوليت کان محروم ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب پاڪستان ريلوي اختيارين ملڪ ۾ 100 ارب رپين جي لاڳت سان 18ريلوي برانچ لائينن جي اپ گريڊيشن واري منصوبي جي منظوري ڏني وئي آھي، 1905ع ۾ انگريز جي دور ۾ تعمير ڪيل بدين، تلھار، ماتلي، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد ريلوي سيڪشن کي اپ گريڊ ڪرڻ واري 70 لک ماڻھن جي جائز مطالبي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇليو ويو آھي، بدين حيدرآباد ريلوي سيڪشن سنڌ جي ٽن ضلعن بدين، ٽنڊو محمد خان، حيدرآباد جي عوام کي سفري سھوليتون مھيا ڪري ٿو، جنھن کي ھڪ سازش تحت ڪي سبب ڄاڻائي گھڻي وقت کان بند ڪيو ويو آھي.ا ڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فھميدا مرزا جي دور ۾ بدين حيدرآباد ريلوي سيڪشن 15 ڪروڙ جي لاڳت سان اپ گريڊ ڪري ھلايو ويو ھو، پر ڪجھ وقت ۾ مبينا طور تي ٽرانسپورٽرن ۽ ريلوي اختيارين جي ملي ڀڳت سان ھن سيڪشن کي بند ڪيو ويو ھو. انھي سلسلي ۾ بدين شھري اتحاد جي اڳواڻن طارق عزيز ميمڻ، عاشق حسين خواجه، محمد اقبال ابلاڻي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته بدين حيدرآباد ريلوي سيڪشن جي بندش سبب بدين کان حيدرآباد ء ڪراچي ويندڙ واپارين ۽ ڪم ڪار سان ويندڙ شھرين کي ريلوي جي سفري سھوليتن کان محروم ڪيو ويو آھي جيڪو ھن سيڪشن تي سفر ڪندڙ 70 لک کان وڌيڪ عوام ۽ بدين ڪينٽ جي ھن ريلوي سيڪشن تي سفر ڪندڙ فوجي جوانن سان پڻ وڏي زيادتي آھي.