| حڪومت سان ڳالهين بابت ڪابه اڳڀرائي ناهي ٿي، معاملا سياسي نموني حل ٿيڻ گهرجن: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهين بابت اڃا تائين ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي، جيتوڻيڪ وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ايوان مان ڳالهين جي دعوت ڏني هئي. سياسي معاملن جو حل سياسي طريقي سان ئي نڪرڻ گهرجي، پر حڪومت کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. اڊيالا روڊ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته هڪ پاسي سندن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي سزائون ڏنيون پيون وڃن، جڏهن ته ٻئي پاسي ڳالهين جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، جيڪو مناسب طريقو ناهي. هن چيو ته بشريٰ بي بي جي ڪٽنب سان ملاقات ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي ۽ باني پي ٽي آءِ جي ڪٽنب کي به ملاقات جي اجازت ملڻ گهرجي. باني پي ٽي آءِ جي ڪٽنب جي ملاقات نه ٿيڻ تي 36 هفتا گذري چڪا آهن، جنهن سبب ڳڻتي وڌي رهي آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته هڪ مهينو اڳ ٿيندڙ احتجاج دوران ڪنهن به ملاقات وسيلي ڪو پيغام نه ڏنو ويو هو. احتجاج کان اڳ رڳو باني پي ٽي آءِ جي هڪ ڀيڻ جي ملاقات بابت ڳالهه ٿي هئي، جنهن جي اجازت ملي هئي، خاندان جو مطالبو آهي ته ٽنهي ڀينرن کي گڏ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي علاج بابت خاندان جي اسپتال منتقل ڪرڻ واري موقف جي حمايت ڪريون ٿا. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ملاقاتن ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪرڻ گهرجن ۽ هر ممڪن ڪوشش ٿيڻ گهرجي ته ملاقاتون ٿين، ڇاڪاڻ ته ملاقاتن کان پوءِ ئي باني پي ٽي آءِ جي سوچ ۽ موقف بابت صحيح ڄاڻ ملي سگهندي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ باني پي ٽي آءِ جو ڪو متبادل ناهي ۽ پارٽي سندن قيادت سبب ئي هلي رهي آهي. پارٽي جي اندروني معاملن تي عوامي سطح تي تبصرو ڪرڻ مناسب ناهي ۽ اختلافن کي پارٽي جي اندر ئي حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ واري ملاقات سندن درخواست تي ٿي ۽ سڀئي ڌريون ملاقاتن لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. هن سوشل ميڊيا تي زهريلي پروپيگنڊا جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙي مهم ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي ۽ ملاقاتون ٿيڻ سان اهڙيون ڳالهيون پاڻمرادو ختم ٿي وينديون. بئريسٽر گوهر چيو ته دهشتگردي ملڪ لاءِ ناسور آهي، جنهن جو خاتمو ضروري آهي. هٿياربند فوجن جي قربانين ملڪ کي مضبوط بڻايو آهي ۽ دهشتگردي خلاف ڪاررواين تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.