حڪومت سان ڳالهين جي آجيان، مطالبا ڪيتري وقت ۾ پورا ٿيندا ؟ عمران ٽائيم فريم گهري ورتو

ڊسمبر 25, 2024

اسلام آباد/راولپنڊي ( بيورو رپورٽ + م ڊ) باني پي ٽي آءِ سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ملاقات، حڪومت سان ٿيل ڳالهين کان آگاهي ڏني، باني پي ٽي آءِ عمران خان حڪومت سان ڳالهين جي آجيان ڪندي مطالبن تي منظوري جو ٽائيم فريم گهري ورتو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پارٽي جي ڳالهين واري ڪاميٽي جون ڪوششون سٺي ڳالهه آهي. ڳالهين جي عمل کي بامقصد بڻائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته مون کي نامزد ٽيم سان ملاقات ڪرائي وڃي ته جيئن مون کي مسئلن جي صحيح ڄاڻ ملي سگهي. وڪيلن سان ڳالهائيندي عمران چيو ته جيڪڏهن حڪومت نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون چاهي ٿي ته اسان جا ٻه مطالبا آهن. هڪ انڊر ٽرائل سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ٻيو 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جاچ لاءِ سينيئر ججن تي مشتمل جڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. جيڪڏهن انهن مطالبن تي عمل درآمد جي صورت ۾ سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪنداسين. پر مون کي خوف آهي ته حڪومت 9 مئي ۽ 26 نومبر تي اسان جي جاچ جي مطالبي کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪندي پر اسان اجازت نه ڏينداسين.  هن چيو ته مان فوجي عدالتن جي غير آئيني فيصلن کي رد ڪريان ٿو، انهن فيصلن جي ڪري عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي رهي آهي ۽ اهڙن غيرانساني قدمن سبب ملڪ کي معاشي پابندين کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن چيو ته هاڻ ته ملڪ ۾ عدليه به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته پوليٽيڪل انجنيئرنگ ٿي رهي آهي، جنهن جو صاف مطلب اهو آهي ته تحريڪ انصاف کي نقصان پهچايو پيو وڃي ۽ تحريڪ انصاف کي دٻائڻ سان حقيقت ۾ جمهوريت، عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. ڪو به ملڪ اندروني ۽ بيروني سيڙپڪاري کان سواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ سيڙپڪاري قانون جي حڪمراني کان سواءِ ڪڏهن به نٿي اچي سگهي. ماڻهو پاڪستان مان سرمايو منتقل ڪري رهيا آهن ڇو ته هتي نه آزاد عدليه آهي ۽ نه ئي قانون جو احترام آهي. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدليه جا هٿ پير مڪمل طور ڪٽيل آهن. هوڏانهن  پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته باني سان سول نافرماني تحريڪ تي ڪا به ڳالهه نه ٿي، رڳو حڪومت سان ڳالهين بابت ڳالهيون ٿيون، عمران ڳالهين کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته ڳالهين ۽ ان تي عمل لاءِ هڪ ٽائيم فريم هجڻ گهرجي، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڳالهين جي ٻئي دور کان اڳ ڪاميٽي جي جي بانيءَ سان ملاقات ڪرائي وڃي، 2 جنوري تي پي ٽي آءِ ڪاميٽي جا سمورا ميمبر ڳالهين ۾ شامل هوندا، پنهنجا مطالبا لکت ۾ حڪومتي ڪاميٽي آڏو رکنداسين، اسان کي پوري اميد آهي ته ڳالهيون لاڀائتيون ثابت ٿينديون ۽ سمورن مسئلن جو حل نڪري ايندو، اختلاف ٿيندا آهن پر پراميد رهڻ گهرجي، گوهر چيو ته اسپيڪر سان ڪالهه واري ملاقات غير رسمي هئي ايندڙ ملاقات ۾ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪنداسين، بئريسٽر گوهر چيو ته عالمي معاملن تي عمران خان پارٽي چيئرمين، جنرل سيڪريٽري ۽ ترجمان کانسواءِ ٻين عهديدارن کي تبصري کان روڪي ڇڏيو آهي. هوڏانهن  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪندڙ ڪاميٽيءَ کي فيصلي جو اختيار  نه آهي، فيصلي جو اختيار پي ٽي آءِ باني کي حاصل آهي،  هڪ انٽرويو ۾ علي ظفر چيو ته ڪاميٽي رڳو ڳالهيون ڪندي، فيصلو عمران ڪندو. وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته عمران جو چوڻ هو ته حڪومت سنجيده نظر آئي ته سول نافرماني ڪال تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي، اسان چاهيون ٿا ته جاچ ادارن ۽ عدالتن تان دٻاءُ ختم ڪيو وڃي، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فيصل چوڌري ٻڌايو ته عمران خان فوجي عدالتن جي فيصلن کي رد ڪري ٿو ۽ سندس موقف آهي ته ان سان ملڪ جي سڄي دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، باني پي ٽي آءِ آئيني بينچ تي به تنقيد ڪئي.

Leave A Comment