| حڪومت سون جي عالمي ڪاروبار تان پابندي هٽائي ڇڏي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار سون جي عالمي ڪاروبار تي لڳل پابندي هٽائي ڇڏي، تفصيل موجب حڪومت سون جي عالمي ڪاروبار بابت معطل ڪيل ايس آر او بحال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته قيمتي ڌاتُن ۽ ڳهن جي واپار بابت ڪجهه ترميمون ايس آر او شامل ڪيون ويون آهن. هاڻ پرڏيهه مان سون گهرائي ۽ اماڻي سگهجي ٿو. واضح رهي ته حڪومت 6 مئي 2025ع تي اسمگلنگ جي شڪايت تي سون سوڌو ٻين قيمتي ڌاتن جي ڏيساور واپار تي 7 ڏينهن لاءِ پابندي لڳائي هئي.