اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آزادي راءِ بابت فيصلي ۾ حڪومت کي اختيارن جي ناجائز استعمال کان روڪي ڇڏيو
عدالت قرار ڏنو ته حڪومت شهرين خلاف بي بنياد ۽ ڪوڙي ڪارروائين کان پاسو ڪري، آئين هر شهري کي سياسي، معاشرتي ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڏئي ٿو، حڪومت جون اهڙيون ڪارروائيون آئيني مينڊيٽ جون ڀڃڪڙيون آهن
سپريم ڪورٽ اي آر واءِ سان لاڳاپيل صحافي عماد يوسف بابت ڪيس ۾ لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو،
جسٽس جمال مندوخيل فيصلو لکيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اختيارن جي ناجائز استعمال سان عوام ۾ خوف ۽ عدم تحفظ جو احساس پيدا ٿيندو آهي، خوف جو اهو ماحول رياستي ادارن خلاف نفرت پيدا ڪندو آهي، خوف جي ماحول ۾ ميڊيا به آزاد ڪم نٿي ڪري سگهي
فيصلي ۾ چيو ويو ته حڪومت ناقدين ۽ سياسي مخالفن کي پنهنجو دشمن نه سمجهي، شهرين جي حقن جو تحفظ رياست جي آئيني ذميواري آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا عوام تائين معلومات پهچائڻ جو ذريعو آهي
فيصلي ۾ چيو ويو ته آزادي اظهار راءِ جو حق استعمال ڪرڻ تي سياسي ورڪرن، صحافين ۽ ٻين تي ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، اهو يقين ڪرڻ مشڪل آهي ته عوامي نمائندا، صحافي، سياسي ورڪر رياست مخالفت سرگرمين ۾ ملوث آهن