| حڪومت عوام تي مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول جي قيمت ۾ رڪارڊ 137 ۽ ڊيزل ۾ 184 رپيا اضافو |
اسلام آباد (بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت عوام تي پيٽرول ميزائل جو حملو ڪندي پيٽرول 137 رپيا، ڊيزل 184 رپيا مهانگو ڪري ڇڏيو. تيل اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 137.23 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي جنهن سان نئين قيمت 458.40 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 184.49 رپيا في ليٽر واڌ ڪري نئين قيمت 520.35 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. واڌ اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي وئي آهي. پريس ڪانفرنس دوران ناڻي واري وزير علي پرويز ملڪ چيو ته جنگ جي ڪري عالمي منڊين ۾ توانائي جي قيمتن ۾ بيحد اضافو ٿيو آهي. نه رڳو خطو پر پوري دنيا هن باهه ۾ ٻڏي وئي آهي. اڄ حڪومت مشڪل ۽ ذميوار فيصلا ڪيا آهن. گذريل ٻن سالن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ معاشي استحڪام آندو ويو. اسان کي ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻي پوندي ته جيئن هن باهه کي جلد ختم ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير مملڪتي چيو ته پاڪستان پنهنجي توانائي جي ضرورتن جو 80 سيڪڙو دبئي ۽ عمان مان پورو ڪري ٿو. اڄ عالمي منڊين ۾ خام تيل 250 ڊالر کان وڌي ويو آهي. حڪومت عوام کي هن باهه جي تپش کان بچائڻ لاءِ ڪفايت شعاري جا قدم کنيا آهن. وفاقي حڪومت پهرين مارچ کان وٺي عوامي حفاظت لاءِ 129 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪمزور طبقن ڏانهن رخ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت موٽرسائيڪلن، رڪشائن تي ٽن مهينن لاءِ 100 رپيا في ليٽر سبڊي ڏني ويندي. هن چيو ته ريلوي جي ڀاڙن تي به سبسڊي ڏني ويندي. جڏهن ته مارڪيٽن جي کلڻ ۽ بند ڪرڻ جا وقت مقرر ڪيا ويندا جيڪي صوبن جي صلاح سان مقرر ڪيا ويندا. ٻئي طرف نيپرا سولر ضابطن 2026 ۾ ترميم ڪري نيپرا نيٽ ميٽرنگ بابت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي موجوده سولر نيٽ ميٽرنگ گراهڪن جي معاهدن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي موجوده سولر گراهڪن جا لائسنس انهن جي مدت تائين صحيح رهندا. اڳوڻن گراهڪن کان پوئين معاهدن جي طريقيڪار تحت بل وصول ڪيو ويندو سولر ضابطن ۾ ترميم 9 فيبروري 2026 کان لاڳو ٿيندي.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنگي صورتحال سبب قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي گهٽ اهم منصوبن تي ڪم روڪڻو پوندو. ڪفايت شعاري ذريعي فنڊ گڏ ڪرڻا پوندا، زرعي شعبي ۽ پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي بچائڻو پوندو ته جيئن عام ماڻهو مهانگائي کان گهٽ متاثر ٿئي، وفاق هن وقت تائين 129 ارب رپين جو بار برداشت ڪري چڪو آهي، پاڪستان جنگ بندي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، الله جي مهرباني سان خطي ۾ امن قائم ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار خطي جي موجوده صورتحال بابت منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي وزير، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ بلاول ڀٽو زرداري موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خطي ۾ جنگ ٻئي مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اسان کي شهادتن تي انتهائي ڏک آهي، اسان مختلف وقتن تي تعزيتي پيغام جاري ڪيا، جنگ جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ پاڪستان هڪ مخلص دوست ۽ ڀاءُ ملڪ طور ڀرپور ڪوششون ڪيون آهن. آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهي ڪوششون جاري آهن، الله جي فضل سان ڪاميابي حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جا به شڪرگذار آهيون جنهن خاص دلچسپي ورتي، صدر جا به ٿورا جنهن اجلاس گهرايا. وفاقي حڪومت ٽن هفتن ۾ 129 ارب رپيا فراهم ڪيا، وقت اچي ويو آهي ته سڀ گڏجي سهڪار ڪن، سڀني وڏن وزيرن جي مهرباني جن مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو زرعي شعبي جي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ڪڻڪ جي ڪٽائي شروع ٿيڻ واري آهي جنهن لاءِ ڊيزل ۽ پيٽرول جي ضرورت هوندي، عوام کي مهانگائي کان بچائڻ لاءِ پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي به بچائڻو پوندو، ان لاءِ گڏجي ڪفایت شعاري سان فنڊ گڏ ڪرڻا پوندا۔