حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام: گوشت ۽ دالين سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون

حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام: گوشت ۽ دالين سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، گوشت ۽ دالين سميت کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي ويون. تفصيل موجب معاشي استحڪام جي دعويدار حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، کاڌ خوراڪ ۽ روزانو استعمال هيٺ ايندڙ شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. ورتل جائزي مطابق ملڪ ۾ ڪڪڙ ۽ ڍورن جي گوشت ۾ وڏي پئماني تي واڌ ٿي وئي آهي، وڏو گوشت 1400 کان 1500 رپيا ۽ مٽن 1900 کان 2000 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي۔ ساڳي طرح دالين جي اگهن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، دال مهري 420 رپيا، دال منڱ 400 رپيا ۽ دال ڄڻا 380 رپيا في ڪلو ۾ وڪامي رهيون آهن. ٻئي طرف  اسلام آباد ۾ ٽماٽا 70 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. بصر 100 رپيا ۽ پٽاٽا 120 رپيا، مٽر 180، شملا مرچ 200،  گجر 130 رپيا، ادرڪ 380 ۽ ٿوم 430 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. جڏهن ته اسلام آباد جي انتظاميا دعوائن باوجود هن وقت تائين کاڌ خوراڪ جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام آهي.