حڪومت مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي هلي ويندي: وزيراعظم به اشارو ڏئي ڇڏيو

جُولاءِ 17, 2023

سيالڪوٽ(پنهنجي ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت پنهنجو مُدو پورو ٿيڻ کان اڳ ئي هلي ويندي، ايندڙ مهيني حڪومت جو مُدو پورو ٿي رهيو آهي

سيالڪوٽ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته عوام نواز شريف ۽ مون کي ووٽ ڏئي يا نه، پر ووٽ ڏيڻ کان اڳ حقيقتون نظر ۾ ضرور رکي، عوام جنهن کي به اڳتي آڻيندو، اُن کي قبول ڪنداسين

وزيراعظم چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين 4 سالن ۾ هڪ سِر به نه لڳائي، پر ملڪ جا ٽِين کڙڪائي ڇڏيا، عوام گذريل 4 سالن ۾ ٿيل تباهي کي پنهنجي آڏو رکي، مالم جبا، کنڊ ۽ 190 ملين پائونڊ جا اسڪينڊل اسان جي دور ۾ نه ٿيا هئا

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڏور اسرائيل سان مِلي ٿي، الله شيطاني ٽولي جي سمورين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي

پيٽروليم شين جي اگهن تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته روپئي جو مُلهه مستحڪم ٿيو ته اسان پيٽرول سستو ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مستحڪم هوندي ته قرض نه وٺڻا پوندا

Leave A Comment