| حڪومت ملڪ ۾ جلد 5 جي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو: اسپيڪٽرم نيلامي جي منظوري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام تحت اي سي سي فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وفاي وزير محمد اورنگزيب، آءِ ٽي واري وزير شزہ فاطمه خواجه سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تٿ ڪابينا جي اي سي سي ڪميٽي فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڊيجيٽل پاڪستان پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت هن سفر ۾ وڌيڪ تيزي آڻي رهي آهي. مالي ۽ ڊيجيٽل شموليت ۾ اسپيڪٽرم جو انتهائي اهم ڪردار آهي، جيڪي اسپيڪٽرم نيلام نٿا ٿين، اهي هڪ لحاظ کان ملڪ لاءِ مالي نقصان آهن. هن چيو ته اي سي سي جي ڪالهه اڱاري ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ اسپيڪٽرم جي نيلامي جي منظوري ڏني وئي آهي. محمد اورنگزيب وڌيڪ چيو ته اسپيڪٽرم ايڊوائزري ڪميٽي نيشنل اڪنامڪ ريسرچ ايسوسي ايٽس (نيرا) نالي ڪنسلٽنٽ جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. نيرا پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نگراني هيٺ شراڪت دارن سان تفصيلي رابطي ڪيا ۽ ماضي ۾ ملڪ، علائقي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اسپيڪٽرم نيلامين جو تفصيلي جائزو ورتو. هن چيو ته اسپيڪٽرم نيلامي جي عمل ۾ سڀني بين الاقوامي معيارن کي نظر ۾ رکيو ويو ۽ انهيءَ بنياد تي اسپيڪٽرم جي قيمت، ادائيگي جي شرطن ۽ نيلامي جي ڊيزائن بابت سفارشون تيار ڪيون ويون. انهن سفارشن تي تفصيلي غور و فڪر ڪيو ويو ۽ سڀ کان پهرين پاڪستان جي نقطه نظر کان اڳتي وڌايو ويو، جنهن کان پوءِ اقتصادي رابطہ ڪميٽي انهن سفارشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.