حڪومت هلندڙ مالي سال جي 5 مهينن ۾ 858 ارب قرض ورتو

حڪومت هلندڙ مالي سال جي 5 مهينن ۾ 858 ارب قرض ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت هلندڙ مالي جي شروعاتي 5 مهينن ۾ 858 ارب رپيا قرض حاصل ڪيو. اقتصادي ڊويزن موجب شهباز شريف جي وفاقي حڪومت جولاءِ کان نومبر 2025 تائين 858 ارب رپيا قرض ورتو. گذريل مالي سال ان ئي عرصي دوران 741 ارب رپيا قرض ورتو ويو هو، ائين هلندڙ مالي جي 5 مهينن دوران 117 ارب کان وڌيڪ جو قرض ورتو ويو.