حڪومت مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو: پيٽرول ۽ ڊيزل 20-20 رپيا مهانگو

آگسٽ 1, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت ويندي ويندي به عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي

ناڻي وزير اسحاق ڊار اعلان ڪندي چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 95 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 90 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي

پيٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 95 پئسا واڌ کانپوءِ نئين قيمت في ليٽر 272 رپيا 95 پئسا ٿي وئي آهي

ناڻي وزير چيو ته رات پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪرڻو هو، وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي

نيون قيمتون فوري طور لاڳو هونديون ۽ اهي ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ هونديون، ناڻي وزير چيو ته عالمي سطح تي تيل جون قيمتون وڌيون آهن، آءِ ايم ايف سان پيٽروليم ليوي بابت ڪمٽمينٽ آهي، ملڪي مفاد کي سامهون رکندي پيٽروليم قيمتن ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون

Leave A Comment