حڪومت پاران بجلي جي قيمت گهٽائڻ جو فيصلو: ونڊ پاور پلانٽس جون ادائگيون روڪي ڇڏيون

جنوري 25, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وفاقي حڪومت بجلي جون قيمتون گهٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، 14 ونڊ پاور پلانٽس کي 20 ارب جون ادائگيون روڪي ڇڏيون، پاور پلانٽس کي چيو ويو ته پهريان ٽيرف گهٽ ڪري نئون معاهدو ڪريو ان کانپوءِ ادائگيون ڪيون وينديون، جاچ ۾ ونڊ پاور پلانٽس جي وڌيڪ لاڳت جو معاملو سامهون آيو هو، ونڊ پاور پلانٽس کان ٽيرف گهٽ ڪرائڻ لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي.جڏهن ته ڪابينا جي توانائي ڪاميٽي جو اجلاس جمعي تي طلب ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment