| حڪومت پاران جبري پورهئي سان تيار ڪيل شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪري ڇڏيو. ڪميٽي موجب ضروري شين خاص طور ٽماٽر، بصر، اٽي، ٿوم ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو رجحان برقرار آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس منعقد ٿيو. ڪميٽي ڪينابس ڪنٽرول اينڊ ريگيوليٽري اٿارٽي لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪري ورتي. پاڪستان نيشنل هاڪي ٽيم لاءِ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ تي 3 ڪروڙ رپين جي انعامن جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي نيب ۾ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ اي آءِ سسٽم لاءِ 37 ڪروڙ 20 لک رپيا مختص ڪرڻ جي به منظوري ڏني. پڌرائي موجب پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لاءِ لڳ ڀڳ 6 ارب رپيا منظور ڪيا ويا، جنهن سان ملازمن جون پگهارون ۽ پينشن ادا ڪئي ويندي. بلوچستان ۾ مقرر آفيسرن لاءِ خصوصي مراعتي پيڪيج تحت 31 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي به منظوري ڏني وئي. ڪميٽي جبري پورهئي سان تيار ڪيل شين جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. گاڏين ۽ آٽو پارٽس جي مرمت بعد ٻيهر برآمد جي پائلٽ منصوبي جي به منظوري ڏني وئي. گوادر ڊانڪي سلاٽر هائوس مان گڏهه جي گوشت ۽ کلن جي برآمد بابت تجويزون به منظور ڪيون ويون. ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قيمتن جي سخت نگراني جاري رکڻ ۽ سپلاءِ چين بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.