| حڪومت پاران صدر جي صحيح بنا اسپيشل اڪنامڪ زونز آرڊيننس جاري : پ پ جو احتجاج: قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ: آرڊيننس واپس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت صدر جي صحيح بنا اسپيشل اڪنامڪ زونز آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو: پ پ سخت ناراضپو ظاهر ڪري قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري وئي. اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس منقعد ٿيو۔ اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر اعتراض اٿاريو ته قانونسازي حڪومت جو ڪم آهي، پر پهريون ڀيرو صدر جي دستخط کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ته مارشل لا ۾ به نه هوندي هئي۔ پيپلز پارٽي چيو ته جيستائين اهو آرڊيننس واپس نٿو ورتو وڃي، تيستائين پارٽي ايوان جو حصو نه رهندي۔ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد نويد قمر نڪتي اعتراض تي چيو ته اپوزيشن ليڊر جي مقرري جو عمل شروع ٿيڻ خوش آئند آهي، پر هن هڪ صدارتي آرڊيننس جو حوالو ڏيندي چيو ته هي ملڪ جي پارلياماني تاريخ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن آهي، جو صدر جي منظوري ۽ دستخطن کان سواءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو۔ هن چيو ته وفاقي حڪومت اهو ڪيئن ڪيو، سمجهه کان ٻاهر آهي۔ هن اعلان ڪيو ته ان آئيني ڀڃڪڙي خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ٿي۔ هي ملڪ جي پارلياماني تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي جو صدر جي صحيح کان سواءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو۔ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ پيپلز پارٽي کي خاطري ڪرائي ته هو لاڳاپيل ماڻهن کان پڇاڻو ڪندو ته اهو معاملو ڪيئن ٿيو۔ جڏهن ته اِن دوران اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ وفاقي وزير قانون پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي روڪيندا رهيا. پر اُنهن جون ڪوششون ناڪام رهيون. جنهن بعد پيپلز پارٽي جي ميمبر سيد حسين طارق ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي۔ جڏهن ميمبرن جي ڳڻپ ڪئي وئي ته ڪورم پورو نه نڪتو۔ جنهن بعد اجلاس ۾ 15 منٽن جو وقفو ڏنو ويو ته جيئن ميمبرن جو تعداد پورو ٿي سگهي۔ وقفي کان پوءِ ٻيهر اجلاس ٿيو ته ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي، پر ڪورم اڃا به پورو نه نڪتو، جنهن تي اسپيڪر قومي اسيمبلي ڪورم پورو نه هجڻ سبب اجلاس اڄ صبح يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو وڃي ٿو. ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي احتجاج بعد حڪومت آرڊيننس واپس وٺي
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو صورتحال جو جائزو وٺڻ تي پ پ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏائي ورتو. اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ متعلق فيصلو ڪيو ويندو. اِن ڏس ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان جي صدر جي دستخطن کان سواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ جي پٺيان موجود عناصرن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ وفاقي وزيرِ قانون کي صورتحال جو فوري نوٽيس وٺڻ گهرجي، اِن قسم جو رويو حڪومتي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ جي برابر آهي. پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي اڄ هن صورتحال تي غور کان پوءِ اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي. پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽ خلاف هر سازش مقابلو ڪندي.