| حڪومت پاران عمران کي پمز اسپتال وٺي وڃڻ جي تصديق، الحمد الله بلڪل ٺيڪ آهي: عطا تارڙ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ چيو آهي ته اکين جي ماهرن اڊيالا جيل ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي اکين جو معائنو ڪيو آهي. طبي ماهرن تجويز ڪيو ته معمولي طبي ڪارروائي لاءِ باني چيئرمين کي پمز اسپتال وٺي وڃڻ ضروري آهي، جن جي سفارش تي گذريل هفتي جي رات باني پي ٽي آءِ کي پمز اسپتال پهچايو ويو، جِتي اُن جي اکين جو معائنو ڪيو ويو. باني چيئرمين جي لکت ۾ رضامندي کان پوءِ ڪجهه منٽن جي طبي ڪارروائي ٿي ۽ ضروري هدايتن سان گڏ کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته طبي ڪارروائي دوران باني چيئرمين مڪمل طور صحتمند هيو ۽ سڀني قيدين کي قانون مطابق طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون