حڪومت پاران عمرعطابنديال خلاف ريفرنس اماڻڻ جو فيصلو: چيف جسٽس جي مس ڪنڊڪٽ جو جائزو ورتو وڃي: خواجا آصف

مَي 15, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت چيف جسٽس عمر عطا بنديال خلاف ريفرنس اماڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان پارليامينٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس خلاف ريفرنس اڄ ئي جوڊيشل ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو، ان لاءِ ڊرافٽ پڻ تيار ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته آئيني اختيار استعمال ڪرڻ جو وقت اچي ويو، پارليامينٽ چيف جسٽس جي مس ڪنڊڪٽ جو جائزو وٺي، فيصلن بدران سياست ڪندڙ ججز خلاف ريفرنس داخل ڪيو وڃي. هن چيو ته  چيو ته عمران خان کي رليف ڏئي هڪ فتني کي هٿي ڏني وئي آهي، چار ٽن جو فيصلو آيل آهي ۽ ان جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، هڪ اڪيلو شخص پنهنجا فيصلا مڙهي رهيو آهي، وزيراعظم کي چوندس ته لکنوي انداز اختيار نه ڪيو وڃي، جيڪي آواز اچن پيا انهن جو ان ئي زبان ۾ جواب ڏيڻو پوندو.

Leave A Comment