حڪومت پاران  پيٽرول بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اليڪٽريڪل گاڏين کي هٿي وٺرائڻ جو فيصلو

حڪومت پاران  پيٽرول بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ اليڪٽريڪل گاڏين کي هٿي وٺرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شہباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ بجليءَ تي هلندڙ گاڏين (EV) جي فروغ بابت اهم جائزو اجلاس ٿيو۔ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اليڪٽرڪ وهڪيلز جي واڌ لاءِ جاري قدمن ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃيم موجوده علائقائي صورتحال ۽ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي EV گاڏين جو فروغ نه صرف ٻارڻ جي درآمدي بار ۾ گهٽتائي آڻيندو، پر ماحولياتي تحفظ ۽ توانائي جي سلامتي لاءِ پڻ انتهائي اهم آهي۔ گب قومي اي وي پاليسي تحت گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن تي ڏنل سبسڊي ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي ۽ اسڪيم تي عملدرآمد تيزي سان ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ اليڪٽرڪ موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ٺاهڻ لاءِ 72 جڏهن ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ 4 مينوفيڪچرنگ سرٽيفڪيٽ جاري ٿي چڪا آهن۔ ان سان گڏوگڏ اي وي چارجنگ اسٽيشنز جي قيام لاءِ 123 درخواستون پڻ مليون آهن۔ ايندڙ پنجن سالن ۾ ملڪ ۾ 30 سيڪڙو گاڏين کي بجلي تي منتقل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي، جنهن سان لڳ ڀڳ 4.5 بلين ڊالرن جي فيول بچت متوقع آهي۔ ان کان علاوه گريڊ 16 تائين سرڪاري ملازمن کي آسان قسطن تي اليڪٽرڪ بائيڪون ڏيڻ جو به منصوبو شامل آهي۔ اجلاس ۾ مصدق ملڪ، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، عطاء الله تارڙ، اويس خان لغاري، احسن اقبال، بلال اظہر ڪياني، هارون اختر، رانا مشهود احمد خان ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي۔