| حڪومت پورو ملڪ ايڪسٽينشن تي هلائي رهي آهي، ملڪ اندر اتحاد سان مسئلا حل ٿيندا: اپوزيشن |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي اڳواڻن پيٽرول اگهن ۾ اضافي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، اڳواڻن ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪئي.تحريڪ تحفظ آئينِ پاڪستان جي ترجمان حسين احمد يوسفزئي چيو آهي ته سياسي اڳواڻن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ سزائون ڏنيون ويون آهن. ڳوٺ جو نوجوان سهراب خان 9 مئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين ان خلاف ڪو به ثبوت سامهون ناهي آيو، ان ڏک ۾ ڪالهه ان نوجوان جي ماءُ وفات ڪري وئي. حالتون ڪربلا جهڙيون ٿي ويون آهن. چئن سالن کان هڪ شاگرد کي قيد ۾ رکيو ويو آهي، حسين احمد يوسفزئي چيو ته حڪومت وضاحت ڪري ته افغانستان سان تڪرار ڇو پيدا ڪيو ويو؟. افغان شهرين کي غير انساني طريقي سان ملڪ مان ڪڍيو ويو. هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ چئي رهيو آهي ته پاڪستان سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان جا پنجويهه ڪروڙ ماڻهو رڍون ٻڪريون ناهن. هن چيو ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان امن جي حمايتي آهي ۽ افغانستان بابت معاملن ۾ حڪومت سان سهڪار به ڪري سگهي ٿي. ايران بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت تائين رياستي موقف واضح ناهي. حڪومت گڏيل اجلاس طلب ڪري ايران جي سپريم ليڊر جي شهادت خلاف مذمتي قرارداد منظور ڪري. هن چيو ته پاڪستان کي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو اجلاس گهرائڻ گهرجي. انڊونيشيا وانگر پاڪستان بورڊ آف پيس مان پنهنجي رڪنيت ختم ڪري.حڪومت سڄي ملڪ کي ايڪسٽينشن تي هلائي رهي آهي ۽ هر معاملو ڳجهو رکيو پيو وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته حڪومت جو هي فيصلو عوام تي بار وڌائڻ جي برابر آهي. 65 ڊالر في بيرل تي خريد ڪيل پيٽرول کي 90 ڊالر جي حساب سان وڪرو ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، حڪومت ان فيصلي ذريعي لڳ ڀڳ 110 ارب ڊالر پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن چيو ته عوام تي بار وڌايو پيو وڃي پر حڪمران پاڻ ڪا قرباني ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا ڪنهن سيڪريٽري کي مليل پيٽرول ختم ڪيو ويو آهي؟ اڳوڻي صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا چيو ته اهڙن بحرانن واري حالتن ۾ ملڪ کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، پر موجوده حالتن ۾ اهڙو ماحول نظر نٿو اچي. هي جائز حڪومت ناهي ۽ پاڪستان جو عوام حڪومت کان نفرت ڪري ٿو، حڪومت هر اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جو آپريشن سندور اڃا بند ناهي ٿيو ۽ اهڙن سڀني مسئلن جو حل ملڪ اندر اتحاد پيدا ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي. سياستدانن کي ڏهه ڏهه سال جون سزائون ڏيڻ سان ملڪ ۾ اتحاد پيدا نٿو ٿي سگهي. خالد يوسف چوڌري چيو ته عدليه ايگزيڪيوٽو جو هڪ ونگ بڻجي چڪي آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ به تيل اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي عوام کي رليف ڏيڻ جي گهر ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران معاشي خودڪش حملن جهڙي پاليسي اختيار ڪئي آهي. عوام هڪ ويلو ماني لاءِ پريشان آهي ۽ پنجاب حڪومت 11 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جو لگزري جيٽ جهاز خريد ڪيو آهي، بيان ۾ چيو ويو ته حڪومت موجب تيل پراڻين قيمتن تي خريد ڪيو ويو هو، پوءِ نيون قيمتون فوري طور عوام تي لاڳو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، اهو عمل عوام جي کيسي تي سڌو سنئون ڌاڙو آهي. تيل جا وڌايل اگهه واپس ورتا وڃن.