حڪومت پيٽرول تي في لٽر ليوي 40 رپيا 49 پيسا گهٽائي ڇڏي: ڊيزل تي 19 رپيا 71 پيسا واڌ

حڪومت پيٽرول تي في لٽر ليوي 40 رپيا 49 پيسا گهٽائي ڇڏي: ڊيزل تي 19 رپيا 71 پيسا واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين تي ليوي ۾ ردوبدل ڪري ڇڏي. پيٽرول تي ليوي گهٽائي وئي، جڏهن ته ڊيزل تي ليوي ۾ اضافو ڪيو ويو. ھاء آڪٽين جي ليوي ۾ به گهٽتائي، جيٽ فيول جي قيمت ۾ 56 روپيا 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي. پيٽروليم وزات جي ذريعن مطابق پيٽرول تي ليوي ۾ في ليٽر 40 رپيا ۽ 49 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، پيٽرول تي ليوي 106 رپيا ۽ 74 پئسا في ليٽر مان گهٽائي 66 رپيا ۽ 25 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ڊيزل تي پيٽروليم ليوي ۾ في ليٽر 19 رپيا ۽ 71 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي.ڊيزل تي ليوي 53 رپيا ۽ 26 پئسا في ليٽر مان وڌائي 72 رپيا ۽ 97 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي ليوي جي سراسري شرح 80 رپيا في ليٽر کان گهٽ ٿي وئي آهي. ٻنهي شين تي گڏيل ليوي 139 رپيا ۽ 22 پئسا في ليٽر ٿي وئي. هلندڙ مالي سال دوران ليوي جو هدف پورو ٿيڻ کان پوءِ مجموعي طور ليوي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته هاءِ آڪٽين تي لاڳو ليوي ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي. هاءِ آڪٽين تي ليوي 214 رپيا ۽ 12 پئسا گهٽائي وئي آهي. هاءِ آڪٽين تي ليوي 305 رپيا ۽ 37 پئسا مان گهٽائي 91 رپيا ۽ 25 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
 

پيٽرول تي 88 رپيا ۽ ڊيزل تي 91 رپيا ٽيڪس مدن ۾ وصول

اسلام آباد: پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 29 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهي، جڏهن ته هڪ ليٽر پيٽرول جي اگهه ۾ 88 رپيا 7 پئسا مختلف ٽيڪسن جي مد ۾ ورتا پيا وڃن. ذريعن موجب، في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 19 رپيا 32 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 66 رپيا 25 پئسا پيٽروليم ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي. پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن مطابق، هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ به 29 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهي ۽ في ليٽر ڊيزل تي 91 رپيا 15 پئسا ٽيڪس لاڳو آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا 68 پئسا ڪسٽم ڊيوٽي، 72 رپيا 97 پئسا ليوي ۽ 2 رپيا 50 پئسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي شامل آهي۔
 

لائٽ ڊيزل في لٽر 44 رپيا 70 پيسا جيٽ فيول 56 رپيا 97 پيسا سستو
 

اسلام آباد: لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 44 رپيا ۽ 70 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل جي قيمت 244 رپيا ۽ 75 پئسا مان گهٽائي 199 رپيا ۽ 98 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. هوائي جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻارڻ جي قيمت ۾ پڻ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جيٽ فيول جي قيمت ۾ في ليٽر 56 رپيا ۽ 97 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي. جيٽ فيول جي نئين قيمت 295 رپيا ۽ 84 پئسا مان گهٽائي 238 رپيا ۽ 87 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.