حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري عوام تي بم ڪيرايو آهي: فنڪشنل ليگ

حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري عوام تي بم ڪيرايو آهي: فنڪشنل ليگ

ڪراچي: فنڪشنل ليگ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبد الرحيم پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي شديد ردعمل ڏيندي چيو آهي ته حڪومت پئٽرول مهانگو ڪري عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي، ھن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو عوام لاءِ ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي پئٽرول مهانگو ٿيڻ سان ضروري شين جي قيمتن ۾ پڻ واڌ ٿيندي، جنهن سان عام ماڻهو جي زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي، موجوده حڪومت جي غلط معاشي پاليسين عوام کي بکون ڪاٽڻ تي پهچائي ڇڏيو آهي، ھن مطالبو ڪيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازو اضافو فوري طور واپس ورتو وڃي.