| حڪومت پيٽرول 5 رپيا 58 پئسا ۽ ڊيزل 4 رپيا 18 پئسا وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڌيڪ واڌ ڪري ڇڏي، پيٽرول جي قيمت ۾ في لٽر 5 رپيا 58 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 364 رپيا 35 پئسا مقرر ٿي وئي، ڊيزل جي اگهه ۾ 4 رپيا 18 پئسا اضافو ڪيو ويو جنهن بعد نئين قيمت 385 رپيا 95 پئسا مقرر ڪئي وئي، پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون اڄ لاءِ لاڳو هونديون.