سياسي استحڪام لاءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهائي سگهون ٿا: مصدق ملڪ

اپريل 2, 2024

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته سياسي استحڪام لاءِ پي ٽي آءِ ڏانهن هٿ وڌائڻ لاءِ تيار آهيون، پر پي ٽي آءِ جي به ڪا ذميواري ٺهي ٿي، پي ٽي آءِ وارن کي سياسي استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

هن چيو ته سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام جُڙيل آهي، تِکيون مٺيون ڳالهيون ٿينديون رهنديون، پر اسان کي ملڪي مفادن ۾ هڪ ٿيڻ گهرجي

 مصدق ملڪ چيو ته پيپلز پارٽي نواز ليگ کان پهرين پي ٽي آءِ کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ چيو هو، وٽن اڪثريت هئي ته حڪومت ٺاهين ها، اسان جو پيپلزپارٽي سان اتحاد سٺي نموني اڳتي وڌي رهيو آهي

Leave A Comment