حڪومت پي ٽي آءِ کي ريليون ڪڍڻ نه ڏنيون، چڪريون، ميان اظهر سوڌو ڪيئي گرفتار: وزيراعظم سڌي ريت چونڊرائينداسين: تحريڪ انصاف
جنوري 29, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان + م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سڏ تي تحريڪ انصاف ڪارڪنن ڪراچي، لاهور، پشاور سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون پر پوليس ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. راولپنڊي ۾ پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري 10 ڪارڪنن کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پشاور ۾ به ريلي ڪڍي وئي پر پوليس ريلي کي رنگ روڊ تي روڪي ورتو، ان موقعي تي پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪن هٿين پئجي ويا، پوليس ڪيترن ئي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو. لاهور ۾ علامه اقبال روڊ تي ريلي ڪڍي، پوليس جي وڏي نفري اتي مقرر هئي پر ڪارڪنن جي وڏي انگ سبب رستي تان هٽي وئي. هوڏانهن اڳوڻي وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سندس والد ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب ميان اظهر کي لاهور ۾ ريلي دوران گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ تين تلوار وٽ ريلي کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران چڪريون ٿيون، پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪري ڏني، ڪارڪنن پٿراءُ ڪيو، ايس ايچ او بوٽ بيسن سميت ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا، پي ٽي آئي جي درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب پي ٽي آءَ ريلي جي اجازت نه ورتي. جهڙپن دوران پوليس صحافين ۽ ڪيميرامين کي به تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جو ڊي آءِ جي سائوٿ نوٽيس وٺي انڪوائري جو حڪم ڏنو. شھدادڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سڏ تي پي ايس 14 جي آزاد اميدوار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ ناهيد کهاوڙ پاران کهاوڙ هائوس کان ڪوٽو موٽو چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي پي ايس 14 جي اميدوار ناهيد کهاوڙ ، حبدار ميرجت ، محمد ايوب کوسو خطاب ڪيو، هالا ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اين اي 216 جي آزاد اميدوار نازش ڀٽي جي ريلي کي هالا ۾ پوليس روڪي ورتو، پوليس پي ٽي آءِ جي ريلي کي واپس روانو ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ ڏند چڪ پڻ ٿيا. ميهڙ ۾ پي ٽي آءِ پاران عبدالمجيد کوسو، محمد ايوب کوسو، رياض احمد جھتيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر اليڪشن 2024ع لاءِ چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران گوهر خان منشور جو اعلان ڪندي چيو ته نئين پاڪستان ۾ نئين تبديلي جو نظام آڻينداسين، اسان اقتدار ۾ اچي ترميمون ڪنداسين جنهن تحت وزيراعظم کي سڌي ريت عوام چونڊيندو، اسيمبلي جو مدو پنج سال مان گهٽائي 4 سال ڪنداسين، سينيٽ جو مدو 6سالن مان گهٽائي پنج سال ڪنداسين، 50سيڪڙو سينيٽ کي سڌي ريت عوام ذريعي چونڊڻ جو طريقو اختيار ڪنداسين. هن چيو ته شاندار پاڪستان، شاندار مستقبل ۽ خراب ماضي مان نجات اسان جو نئون منشور آهي، اقتدار ۾ اچي هڪ ٻي ٽرٿ ري ڪنسيليئيشن ڪميشن قائم ڪنداسين، اسان جو منشور آهي ته هڪ قوم هڪ جهڙو قانون، غريب ۽ امير سڀ برابر هوندا، هڪ ملڪ ۾ ٻه قانون نٿا هلي سگهن، اسان قانون جي حڪمراني تي زور ڏيون ٿا، فوجداري هجي يا سول اسان جا ڪجهه قانون فرسوده ٿي چڪا آهن، عوامي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ فوجداري قانون ۾ تبديليون ڪنداسين، نئون پاڪستان ۽ نئون جاچ نظام تحت اسان آئيني ترميم آڻينداسين، ٽيڪس نظام مضبوط ڪنداسين، لوڪل انڊسٽري کي عام ڪنداسين، قرض گهٽائي ڪمائي وڌائينداسين، سولر انرجي عام ڪنداسين ۽ گرين پاڪستان تي ڪم ڪنداسين، صحت ڪارڊ عام ڪنداسين، تعليمي شعبي ۾ سڌارا آڻينداسين، تعليم ۽ هنر نوڪرين جي ضرورت مطابق هوندو، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته خصوصي عدالت جو جج سائفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جون هدايتون نظرانداز ڪري ڪيس هلائي رهيو آهي اها آئين جي ڀڃڪڙي آهي، عمران جي مرضي خلاف وڪيل ڪيا ويا، هن چيو ته اسان کي ليول پلئينگ فيلد نه پئي ڏني وڃي، اسان کي ريلين جي اجازت نٿي ملي، ريلين کي روڪڻ جي مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته اسان جا اميدوار آزاد چونڊ وڙهي رهيا آهن پر اهي آزاد ناهن پارٽي سان گڏ آهن.