حڪومت ڀارت ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس ميڊيا آڏو ظاهر ڪري ڇڏيا

حڪومت ڀارت ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس ميڊيا آڏو ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي بابت گهڻا سوشل ميڊيا اڪائونٽس افغانستان ۽ ڀارت کان آپريٽ ٿين ٿا ۽ اسان وٽ ان جا واضح ثبوت موجود آهن ڀارت ۽ افغانستان مان آپريٽ ٿيندڙ اڪائونٽن جا تفصيل ميڊيا کي فراهم ڪيا ويا آهن. مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري ۽ قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل انٽرنيشنل ميڊيا کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي هن چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز قانوني گهرجن موجب پنهنجون آفيسون پاڪستان ۾ کولين. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي قانوني گهرجون پوريون نه ڪرڻ تي فوري بند ڪرڻ نٿا چاهيون.. مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جا جيڪي اڪائونٽس  دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيا آهن، انهن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ڪيترائي ڀيرا اهڙن اڪائونٽن جي بندش بابت درخواستون ڏنيون ويون آهن. فتنته الخوارج، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي درجنين اڪائونٽن جي نشاندهي ڪري انهن جي بندش لاءِ درخواست پڻ ڏني وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز مان حڪومت سان سڀ کان گهٽ سهڪار ايڪس جو آهي. جڏهن ته سڀ کان بهتر سهڪار ٽيليگرام طرفان ڪيو پيو وڃي. طلال چوڌري چيو ته سوشل ميڊيا ڪمپنين کي فوري طور  پاڪستان ۾ پنهجون آفيسون کولڻ گهرجن. اي آءِ الگورٿمز ذريعي سوشل ميڊيا تي دهشتگردي بابت اڪائونٽن کي فوري بند ڪيو وڃي. اسان جي ادارن کي آءِ پي ايڊريسز فراهم ڪيا وڃن ۽ پاڪستان جي سوشل ميڊيا بابت قانونن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. قانون واري مملڪتي وزير بيرسٽر عقيل چيو ته برازيل ۾ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي ڏنڊ جو مثال موجود آهي. اسان جي ملڪ ۾ موجود سوشل ميڊيا قانونن تي عمل ٿيڻ لازمي آهي.