حڪومت کي اين آر او ٽو مبارڪ: باجوه بنا فيض جو ٽرائل بدنيتي آهي، رڳو نڪران نيب چيئرمين ۽ جاچ آفيسر کي نه ڇڏيندس: عمران خان

سيپٽمبر 7, 2024

راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي نئون اين آر او مبارڪ، باجوه بنا فيض جو ٽرائل بدنيتي آهي، رڳو نڪران نيب چيئرمين ۽ جاچ آفيسر کي نه ڇڏيندس، نيب ترميم بحال ٿيڻ سان نئون توشه خان ڪيس ختم ٿي ويو، مان خوش آهيان، مون کي جنرل فيض حميد جي ٽرائل کان ڊيڄاريو پيو وڃي، انهن کي چوان ٿو ته غير سياسي ٿي وڃن،  راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ نئين توشا خانا ريفرنس جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان پنهنجي سيٽ تان اٿي جاچ آفيسر وٽ پهتو. هن نيب جي جاچ آفيسر محسن هارون کي چيو ته توهان جيڪي ڪيس ٺاهيا آهن، انهن جي ڪري منهنجي گهرواري جيل ۾ آهي، مان نڪري توهان کي ۽ نيب چيئرمين کي نه ڇڏيندس، آزاد ٿيندي ئي توهان ٻنهي کي عدالت ۾ وٺي ويندس. پي ٽي آءِ باني جي نيب جاچ آفيسر سان گفتگو دوران ڪيترائي ماڻهو اتي موجود هئا. عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪمرانن کي اين آر او ٽو مبارڪ هجي 190 ملين پائونڊ ريفرنس به تقريبن ختم ٿيڻ وارو آهي، جيڪي مٿي ويٺا آهن انهن سڀني جا پيسا ٻاهر پيل آهن، شهباز شريف خلاف مقصود پٽيوالي جو 24 ارب ڪرپشن جو ڪيس اسان ٺاهيو هو ان خلاف ڪرپشن جا باقي سمورا ڪيس پراڻا آهن جيڪي انهن جي حڪومتي دور ۾ ڪيا ويا. عمران خان چيو ته عوامي نمائندا ڪرپشن ڪندا آهن پوءِ پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ قانون پاس ڪرائيندا آهن هاڻي وائيٽ ڪالر ڪرائم پڪڙڻ ناممڪن ٿي ويو آهي. انهن چوري ۽ ڦرن جا رستا کولي ڇڏيا آهن جيئن مان آزاد ٿيندا نيب چيئرمين کي پڪڙيندس ان کي عدالت وٺي ويندس، نيب جي جاچ آفيسر ۽ سلطاني گواهه انعام ساهه مٿان ڪيس ڪندس، انهن جي ڪري منهنجي زال 7 مهينن کان جيل ۾ آهي نيب هڪ ڪروڙ 80 لک ماليت هار جي قيمت 3 ارب 18 ڪروڙ لڳائي. باني پي ٽي آءِ وڌيڪ چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته هو غيرجانبدار ۽ غير سياسي آهن، فوج جيڪڏهن هاڻي غير سياسي ٿي وئي ته ان کان وڏي ملڪ جي ڪا خدمت نه هوندي. رڳو غير سياسي چوڻ سان نه اعمالن سان ٿيندو آهي، جيڪڏهن اهي چئي رهيا آهن ته اسان هميشه غيرسياسي هئا سين ته ان کان وڏي غلط بياني ڪا به نٿي ٿي سگهي.

Leave A Comment