| حڪومت کي سينيٽ ۾ ترميم منظوري لاءِ آزاد ميمبرز جي حمايت گهربل |
اسلام آباد: حڪومت کي 27هين آئيني ترميم پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ لاءِ ٻه ڀاڱي 3 اڪثريت گهربل هوندي، حڪومت کي سينيٽ ۾ 64 ۽ قومي اسيمبلي ۾ 224 ميمبرز جا ووٽ گهربل هوندا، سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جا 26، نواز ليگ 20، بي اي پي جا 4 ۽ متحده جا 3، نيشنل پارٽي ۽ ق ليگ جي هڪ هڪ سينيٽر سوڌو 3 آزاد سينيٽرز به حڪومتي بئنچز جو حصو آهن، اپوزيشن بئنچز تي ويٺل سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ، اسد قاسم ۽ فيصل واوڊا آئيني ترميم جي حمايت ڪئي، تڏهن به تڏهن به حڪومت جا ڪُل ووٽ 61 هوندا، 26هين ترميم لاءِ ووٽ ڏيندڙ آزاد سينيٽر نسيمه احسن ۽ اي اين پي جي ٽن سينيٽرز 27هين ترميم جي حمايت ڪئي ته حڪومت وٽ 65 ميمبرز جا ووٽ اچي ويندا، سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جا 14، جي يو آءِ ف جا 7 ۽ پي ٽي آءِ جا حمايت يافتا 6 آزاد سينيٽرز اپوزيشن بئنچز تي ويٺل آهن، ايم ڊبليو ايم ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو هڪ هڪ ميمبرز به اپوزيشن ۾ شامل آهي، ڪي پي مان چونڊيل نئون سينيٽر جلد حلف کڻندو، پي ٽي آءِ جي مراد سعيد اڃا تائين سينيٽر طور حلف نه کنيو، اهڙي ريت 27هين آئيني ترميم جي مخالفت ۾ امڪاني طور رڳو 30 ووٽ هوندا.