| حڪومت ڪفايت شعاري مهم پئي هلائي، سنڌ ۾ اربين رپيا هڙپ پيا ٿين: هاءِ ڪورٽ |
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ چيو اهي ته هڪ پاسي حڪومت ڪفايت شعاري جون ڪوششون ڪري رهي آهي، ٻئي طرف اربين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن، ڪالهه ليبز کاتي جي ماتحت ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جي جوڙجڪ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪري ورتي، جنهن تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران جسٽس ذوالفقار سانگي پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ سکر ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ مبينا ڪرپشن بابت انڪوائري جو حڪم ڏنو هو, انهي انڪوائري جو ڇا ٿيو ؟ عدالت ۾ سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته 8 ارب رپين جي ڪرپشن جي جاچ جاري آهي، جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها ته تمام وڏي رقم آهي، اسان کي ته ٻڌايو ويندو آهي ته پاڪستان غريب ملڪ آهي، عدالت چيو ته حڪومت ڪفايت شعاري جون ڪوششون ڪري رهي آهي، هتي ته اربين رپيا هڙپ ڪيا پيا وڃن، عدالت چيو ته عدالتن کي چيو ويو آهي ته جمعي جي ڏينهن به ڪم بند رکن، جتان ماڻهن کي انصاف ملڻو آهي، اتي به هڪ ڏينهن گهٽ ڪيو ويو آهي پر هتي ته اربين رپين جي ڪرپشن ۽ لٽ مار جاري آهي،عدالت چيو ته ڪنهن کي ڪا پرواھ به ناهي, درخواستگذار مهراڻ فيڊريشن جي اڳواڻ راحب سميجو جي وڪيل نثار وارثي چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جو ڪم مزدورن جي ڀلائي بابت فيصلا ڪرڻ آهي, بورڊ ۾ مزدورن جا 4 نمائندا شامل ڪرڻا هئا، سرڪار پاران مزدورن جي جاءِ تي بينڪ ۽ زرعي کاتي جي ملازمن کي شامل ڪيو ويو آهي، هن استدعا ڪئي ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي معطل ڪري نئين سر جوڙجڪ ڪئي وڃي، مزدور يونين جي اڳواڻ راحب سميجو جي وڪيل چيو ته ملازمن جي انشورنس جي مد ۾ جاري ڪيل 8 ارب رپين ۾ خرد برد ڪئي وئي آهي.