حڪومت ڪنهن تي به پابندي هڻي سگھي ٿي، چونڊون ڪرائينداسين، نتيجي بابت ڪجهه نٿو چئي سگھجي: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

ڊسمبر 20, 2023

ڪوئيٽا(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪنهن تي به پابندي هڻي ۽ ختم ڪري سگھي ٿي، اليڪشن ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي، جيڪا ڪرائي ڇڏينداسين، نتيجي تي ڪجهه نٿو چئي سگھجي. ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، پارٽين کي پنهنجي ووٽرن کي ڪجهه نه ڪجهه چوڻو پوندو. لسٻيلي ۾ ڄامن جي مقابلي ۾ ڪو گھٽ مشحور ماڻهو اليڪشن کٽي وڃي ته اها وڏي ڳالهه ٿيندي، باپ اليڪٽيڪل هئا جيڪي گڏ ٿي ويا هئا، صرف نالو نئون آيو هو، بلوچستان ۾ اليڪشن جي حوالي سان هر تڪ بابت اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي، هر تڪ ۾ ماڻهو آهن، انهن جا اثر آهن ۽ لڳي ٿو اهي ئي ماڻهو سامهون ايندا. هن چيو ته اليڪشن جي داغداد ۽ بي داغن جي حوالي سان ڳالهين کي اهميت ناهيان ڏيندو، جيڪڏهن اسين اليڪشن نه ڪرائيون ها ته داغ هجي ها، اسان اليڪشن ڪرائينداسين ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائيندي، بلڪل نارمل پراسيس آهي، چونڊون شفاف هونديون، اليڪشن جي حوالي سان سڪيورٽي انشاء الله سٺي ٿي ويندي. انوار الحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته سوئي گيس ۾ صرف بلوچستان کي ڇوٽ ڏنل آهي، اسان چيو آهي ته بلوچستان ۾ ٿڌي موسم ۾ ماڻهن کي تنگ ناهي ڪرڻو، اسان وٽ نون منصوبن جو اختيار نه آهي، سڀئي ڏينھن ڳڻيندا هئوندا ته ڪڏهن ٿو ڪاڪڙ وڃي، اسان جو ۽ توهان جو احترام جو رشتو آهي، ٽوڪ ڪرڻ مناسب نه آهي. نگران وزريراعظم چيو ته اليڪشن ڪرائڻ آئيني ضرورت آهي، ان جي تنيجي ۾ ڪجهه نٿو چئي سگھجي جڏهن ته اسان جي ڪوشش آهي ته ڪنهن اسڪينڊل ۾ نه پئون. ٻئي پاسي ڪوئيٽا ۾ شاگردن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت قانون تحت ڪنهن تي به پابندي هڻي سگھي ٿي. تشدد کي جواز بڻائي ان کي انساني حقن جو نالو ڏيڻ ڪنهن به صورت قبول نه آهي، حڪومت قانونن تحت ڪنهن تي به پابندي هڻي سگهي ٿي ۽ ان کي ختم ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته معاشري ۾ ٻولي، مذهب ۽ نسل جي نالي تي گروهه ٺاهيندڙ جواز پيش ڪن ٿا پر جواز ڪو به نه آهي. تشدد جو جواز ٺاهڻ ۽ آواز اٿارڻ لاءِ آئين قومي ۽ صوبي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني آهي. 8 فيبروري تي اليڪشن ٿي رهي آهي جنهن لاءِ سمورا شهري نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگھن ٿا، ۽ ڪنهن تي به ڪا پابندي نه آهي، اتي سياسي طور چونڊجي وڃن ۽ پوءِ پنهنجن مسئلن کي هڪ فورم تي ڀرپور انداز سان اواز اٿارين.  تشدد کي جواز جي بنياد تي تسليم ڪرڻو آهي يا نه ان جو فيصلو رياست ڪندي، پابندي پيل تنظيم جا ماڻهو تشدد ۽ قتل گيري ڪندا هئا، بي ايل اي ۽ بي ايل ايف به اهو ئي ڪري ٿي.  وزيراعظم نوجوان بالاچ بلوچ جي قتل جو نالو کڻڻ بنا چيو ته اڃا هاڻي هڪ شخص مئو، جنهن جي جاچ ٿي رهي آهي پر ڪوسٽل هاءِ وي تي 15 ماڻهو سڙي ويا هئا، انهن تي ڪنهن آواز نه اٿاريو. پنهنجي ڳالهه جاري رکندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته رحيم يار خان مان مزدور آيا هئا، انهن کي حفاظت لاءِ ٿاڻي تي رکيو هو، دهشتگردن پوليس ۽ مزدورن کي قتل ڪيو پر ڪنهن ان واقعي تي انساني حقن جو اواز نه اٿاريو، ڇا انساني حقن لاءِ خاص هجڻ ضروري آهي.  نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت وٽ گهڻي معلومات آهي ۽ اها قانون تحت ميڊيا ۾ اظهار جي اجازت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو حق به رکي ٿي، ميڊيا کي اظهار جي آزادي به هڪ قانون تحت ئي حاصل آهي.  انوار الحق ڪاڪڙ ان موقعي تي اسامه بن لادن ۽ ايمن الظواهري جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن کي ڇو آڪسفورڊ ۾ نه گھرايو ويو؟ ان ڪري جو هر شيءِ جا قانون ٿي سگهن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته قانون تحت اسين ڪنهن تي به پابندي هڻي ۽ ختم ڪري سگهون ٿا، اسين ون آهيون نه ئي انساني حقن جي خلاف ڪم ڪرڻ وارا هيرو آهيون.

Leave A Comment