| حڪومت ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ آڏو احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جو شرط رکي ڇڏيو |
اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت ڳالهين لاءِ پي ٽي آءِ آڏو 8 فيبروري تي احتجاج وارو سڏ واپس وٺڻ جو شرط رکي ڇڏيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو ڪو ماحول ئي نظر نه پيو اچي. رپورٽ موجب وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڳالهيون چاهي ٿي ته 8 فيبروري وارو سڏ واپس وٺي ۽ ڪاميٽي ٺاهي، اسان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان تصديق ڪرائي آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين لاءِ راضي ناهي، ڳالهين کان اڳ ٽي او آرز مڃي وٺون ته پوءِ ڳالهيون ڇا تي ٿينديون ؟ ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته ڳالهين جو ڪو به ماحول نظر نه اچي رهيو آهي، ڳالهيون تڏهن ٿينديون آهن جڏهن بنيادي اصولن کي مڃيو ويندو آهي، هوا ۾ ڳالهيون ڪرڻ بي معنيٰ آهي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جا ڳالهين لاءِ ڪي به سخت شرط نه آهن، پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڀينرن جو حق آهي.