| حڪومت ڳالهين ۾ سنجيدا ناهي، ڪابه اڳڀرائي نه ٿي آهي: بئريسٽر گوهر |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر اڊيالا جيل ڀرسان ڊاهگل ناڪي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات نه ڪرائڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي. باني پي ٽي آءِ سان سندس ڀينرن، وڪيلن ۽ ڊاڪٽر جي ملاقات فوري طور ڪرائي وڃي. هن چيو ته ملاقاتن تي پابندي غير انساني رويو آهي ۽ آئيني حقن کي متاثر ڪيو پيو وڃي. عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان عوام جو اعتماد متاثر ٿي رهيو آهي. ملڪ ۾ سياسي ورهاست وڌي رهي آهي، تنهنڪري ملاقاتن جي بحالي ضروري آهي. حڪومت کي ڳالهين ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ گهرجي، پر هن وقت تائين ڪا مثبت اڳڀرائي نظر نه آئي آهي. هن چيو ته سياسي مسئلن جو حل رڳو ڳالهين ۽ آئين جي بالادستي ۾ آهي. نورين نيازي جي بيان بابت سوال تي بئريسٽر گوهر چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ڀيڻ نورين نيازي جو بيان پارٽي پاليسي ناهي. منهنجي ڄاڻ موجب نورين نيازي جو انٽرويو ٽي مهينا پراڻو آهي ۽ ڪنهن به تڪراري بيان کي مين اسٽريم ميڊيا تي جاءِ نه ملڻ گهرجي،