حڪومت -آءِ ايم ايف ڳالهيون مڪمل:ڪاميابي جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر آخري قسط ملندي

مارچ 19, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ قرض جي قسط لاءِ ڳالهين جا دور مڪمل ٿي ويا، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ تحت 1.1 هڪ ارب ڊالرز جي آخري قسط ملندي

اسلام آباد ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ حڪومتي وفد پاڪستان آيل آءِ ايم ايف جي جائزا مشن سان ڳالهين جو آخري دور به مڪمل ڪيو،  آءِ ايم ايف پاران ڳالهين بابت اڄ ئي پڌرائي جاري ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

ذريعن موجب ڳالهين دوران پاڪستان پاران هاڻوڪو پروگرام پورو ٿيڻ بعد آءِ ايم ايف کان وڌيڪ 4 سالن لاءِ به نئون پروگرام وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي وئي، نئين پروگرام تحت قرض جي ماليت ساڍا 7 ارب روپيا ٿي سگهي ٿي

ٻئي طرف ناڻي جي وفاقي وزير سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي، محمد اورنگزيب آمريڪي سفير کي آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام تي ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پاڪستان ۾ معاشي سڌارن لاءِ آمريڪي سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي

Leave A Comment