| حڪومت ۽ آئل ٽينڪر مالڪن ۾ ڳالهيون ڪامياب: مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مشاورت تي اتفاق: ڪميٽي قائم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ سان آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون. ٻنهي ڌرين مسئلن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پڌرائي موجب پيٽروليم واري وفاقي وزير آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽرز جي مسئلن جي حل لاءِ اسپيشل سيڪريٽري پيٽروليم جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ هفتي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي.ڪميٽي ۾ ڊي جي آئل، اوگرا، او ٽي ڪي اي ۽ او سي اي سي جا نمائندا شامل هوندا. اوٽڪا جو وفد صدر عابدالله آفريدي جي اڳواڻي ۾ وفاقي وزير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران وائيٽ آئل پائيپ لائين ڪوٽا ۾ گهٽتائي، فريٽ فارمولي ۽ ڪمرشل لوڊنگ بابت پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. وفاقي وزير پيٽروليم اوگرا کي آئل ٽينڪر ڪنٽريڪٽرز جا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي فريٽ معاهدن بابت لکت واري پاليسي جمع ڪرائڻ، اوگرا کي آئل ٽينڪرن جي مؤثر ٽريڪنگ جو نظام بهتر بڻائڻ ۽ ڊيلرن جي گاڏين کي پرائمري ٽرانسپورٽيشن کان الڳ رکڻ لاءِ به ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح عوام کي بنا رنڊڪ ٻارڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي.