حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اڄ ڳالهيون: اجلاس جو وقت تبديل: پي ٽي آءِ پاران چارٽر آف ڊمانڊ تيار

جنوري 2, 2025

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ اڄ ڳالهين جو ٻيو درو ٿيندو، پي ٽي آءِ پاران چارٽر آف ڊمانڊ تيار ڪيو ويو آهي، ذريعن ۾ حڪومت آڏو لکت ۾ ٻه مطالبا پيش ڪيا ويندا، هڪ مطالبو سياسي قيدين جي آزادي ۽ ٻيو مطالبو 9مئي ۽ 26 نومبر بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ آهي. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ڳالهين واري ڪاميٽي جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو آهي، اجلاس اڄ 11:30 بدران 3:30 وڳي ٿيندو، اجلاس جي وقت ۾ تبديلي ميمبرن جي درخواست تي ڪئي وئي آهي. اجلاس جي صدارت اسپيڪر اياز صادق ڪندو،اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪاميٽي جا ميمبر شريڪ ٿيندا. هوڏانهن ن ليگ اڳواڻ عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ترجيحون اڄ سامهون اچي وينديون، انهن جي مطالبن کي ڏسڻو پوندو، ماضي، آئين ۽قانون کي ڏسڻو پوندو، هن چيو ته پارٽي قيادت ۽ قانوني مشاورت به ڪرڻي پوندي، پي ٽي آءِ جا ننڍا نه پر وڏا مطالبا آهن، اسان جون ڪجهه تجويزون هونديون، پي ٽي آءِ کي مطالبا ڪندي حڪومت جي حدن جو به خيال رکڻو پوندو.

Leave A Comment