| حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ رابطا بحال، ملاقاتون، ميثاق جمهوريت لاءِ تيار آهيون: اسد قيصر |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطا هڪ ڀيرو ٻيهر بحال ٿي ويا، جنهن دوران اين ايف سي، فاٽا، پاٽا، بجيٽ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ناڻي وزير محمد اورنگزيب ۽ اپوزيشن وفد ۾ اهم ملاقات ٿي، حڪومتي وفد ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُالله، وفاقي وزير امير مقام شامل هئا، اپوزيشن وفد جي سربراهي اسد قيصر ڪري رهيو هو، ذريعن موجب حڪومت پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ناڻي جي وفاقي وزير محمد اورنگزيب اپوزيشن اڳواڻن کي فاٽا ۽ پاٽا ٽئڪس تي آءِ ايم ايف سان ڳالهائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، اُميد ته اهو مسئلو حل ٿي ويندو. هن چيو ته وزيراعظم جِي ميثاق استحڪام پاڪستان واري آڇ برقرار آهي، حڪومت هر قسم جي ڳالهين لاءِ تيار آهي، هن چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ کي سياسي ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي جنهن تي هن هاڪاري جواب ڏنو آهي، ، پي ٽي آءِ باني جي آزادي بابت مولانا فضل الرحمان جي بيان تي رانا ثناءُ الله چيو ته اهو فيصلو عدالت ڪندي، مولانا جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو ته ملڪ ۽ فوج ٻئي اسان جا آهن، هن چيو ته سياسي معاملن تي باضابطه ڳالهيون نه ٿيون پر ميثاق جمهوريت لاءِ تيار آهيون، محمد اورنگزيب بجيٽ تي اسان جا نقطا مڃڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي اپوزيشن ليڊر محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر ۽ بئريسٽر گوهر سان خوشگوار ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم پاڻ اپوزيشن سيٽن ڏانهن وڌيو، ذريعن موجب اپوزيشن اڳوڻي فاٽا جي ٽئڪس ڇوٽ جو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو.