هن وقت ملڪ جي پارلياماني سياست جون ٽي وڏيون پارٽيون ڳالهين وسيلي سياسي اختلافن کي گهٽائڻ جي ڳالهه ڪري رهيون آهن، پر لڳي نه ٿو ته ڪابه ڌر ڳالهين لاءِ تيار آهي. حڪومت جي وزيرن جي موقف ۾ ڪا لچڪ هجي، ڪا آڇ هجي يا ايجنڊا هجي، جنهن تي ڳالهيون شروع ٿي سگهن، انهيء جي ابتڙ هنن جو انداز ڌمڪي وارو آهي، ڄڻ ته هو مڪمل طرح سان شڪست کاڌل ڌر سان رحمدليء طور ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ٿيا هجن. تحريڪ انصاف ۾ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان حڪومت سان ڳالهين جي خلاف آهي. خيبرپختونخوا جو وڏي وزير سهيل آفريدي، پنجاب جي ٽن ڏينهن واري دوري دوران جيڪي مختلف ڳالهيون ڪيون آهن، انهيء جو بنيادي تت اهو آهي ته حڪومت سان ٺاهه جدوجهد کانسواءِ ٿي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن جدجهد کانسواءِ حڪومت سان ڳالهيون ڪيون ويون ته نقصان اپوزيشن جو ٿيندو. ڪنهن ٻي هنڌ تي هن چيو ته حڪومت سان ڳالهين جو مينڊيٽ حڪومت مخالف اتحاد جي ليڊرن وٽ آهي، پر اسان تحريڪ انصاف وارن کي حڪومت مخالف جدوجهد هلائڻ جو حڪم آهي. انهيء دوري ۾ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته، ”اسان ڏسون پيا ته حڪومت جي مرضي آهي ته تحريڪ انصاف نه چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي بابت ڳالهائي، نه ئي جيل ۾ قيد پارٽيءَ جي باني عمران خان جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري، ۽ نه ئي سياست ۽ صحافت ۾ ادارن جي مداخلت تي سوال اٿاري. پوءِ اهڙي حالت ۾ اسان ڇا ڪريون؟“ انهن ٻن مختلف ۽ متضاد موقفن جي وچ ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن جون پارٽيون انتهاپسنديءَ وارو رويو اختيار ڪنديون ته رياست جو ردعمل به ايتري سخت انداز ۾ هوندو. جيڪڏهن اپوزيشن سياسي رويو اختيار ڪري ٿي ته ٻين سياسي پارٽين کي به اهو موقعو ملي سگهي ٿو ته هو ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انهيء ڪري مفاهمت ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي ۽ ان لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ ملڪ ۽ عوام کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو بيان ملڪ ۾ موجود هائبرڊ نظام جي حقيقي عڪاسي ڪري ٿو.
هن وقت عملي طرح ڪابه سياسي پارٽي مفاهمت جي ڳالهين ڪرائڻ ۽ کين ڪامياب ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. ڇاڪاڻ ته اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهاريل مسلم ليگ (ن) نالي ماتر اقتدار ۾ آهي. ملڪ جي حقيقي واڳ سگهارن ادارن وٽ آهي، حڪومت صرف بيانن ڪڍڻ، اقتدار ڌڻين جي مرضيءَ وارا قانون ۽ بجيٽ پاس ڪرائڻ جي لاءِ آهي. قومي سلامتيءَ جا معاملا، پرڏيهي پاليسي، ميڊيا تي ڪنٽرول ۽ جوڊيشري جا معاملا حڪومت جي دائري مان نڪري چڪا آهن. هن نئين هائبرڊ نظام ۾ پارليامنٽ جي اختيارن جو دائرو ننڍڙو ٿي ويو آهي ۽ سگهارين قوتن جي حاڪميت جو دائرو وسيع ٿي ويو آهي. انهيء جي ڪري حڪومت ۽ سندس اتحادين کي خبر آهي ته پنهنجي اقتدار جا پر ڦڙڪائي ته سگهن ٿا، پر پنهنجي مرضيءَ سان اڏامي ڪونه ٿا سگهن، انهيء جي ڪري هر جلسي ۽ ميٽنگ ۾ حڪومت ۽ پيپلز پارٽيءَ کي چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ تي فيلڊ مارشل صاحب جو وڏو ٿورو آهي ۽ اسان جو ملڪ فيلڊ مارشل صاحب جي ڪري قائم آهي.
پاڪستان ۾ هائبرڊ نظام جي تاريخ ته 1950 جي ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي، پر هاڻوڪو جديد هائبرڊ نظام، 2018 کان عمران خان جي اقتدار سان شروع ٿيو. جنهن جهانگير ترين جي جهاز ۾ چونڊيل آزاد ميمبرن کي عمران خان وٽ آڻي کين تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرايو ويو ۽ پنجاب ۾ نون ليگ جي کٽيل اميدوارن کي رٽرننگ آفيسرن وٽ ٿيل ڳڻپن ۾ هارايو ويو. انهن چونڊن تي مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي ۽ خاص طرح سان مولانا فضل الرحمان سمورو وقت احتجاج ڪندا رهيا. انهيء وقت اپوزيشن سان ايتري سختي نه هئي، جيتري اڄ تحريڪ انصاف سان آهي. انهيء جو مکيه ڪارڻ آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس جي حڪومت هئي، جيڪا افغانستان ۾ آمريڪا کي ايندڙ شڪست وارين حالتن سبب پاڪستان کان سخت ناراض هئي. انهيء سبب جي ڪري آمريڪي صدر جو بائيڊن، عمران خان سان ملاقات ٺهيو پر کيس فون ڪال به نه ڪئي. آمريڪا جي انهيء ناراضگيءَ سبب هائبرڊ نظام جي ڌڻين 2022ع ۾ عمران خان جي حڪومت کي عدم اعتماد جي تحريڪ ذريعي هٽرائي ڇڏيو ۽ پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت قائم ڪرائي.
هن نئين هائبرڊ نظام جو ٻيو دور 2024 جي اليڪشن وقت پنجاب ۾ فارم 47 واري پروجيڪٽ سان شروع ٿيو آهي ۽ تحريڪ انصاف کي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ به نه پيو ڏنو وڃي. پي ٽي آءِ تي هن وقت جيڪو دٻاءُ وڌو ويو آهي، اهو هڪ چٽو مثال آهي ته هائبرڊ نظام ۾ اپوزيشن کي ڪيتري حد تائين برداشت ڪيو وڃي ٿو. پارٽيءَ جا اڳواڻ يا ته جيلن ۾ آهن، يا پارٽي ڇڏي ويا آهن، يا وري خاموش ٿي ويا آهن، جنهن ڪري تنظيم اندروني طور تي ڪمزور ٿي وئي آهي. نتيجي طور، حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ حقيقي سياسي ڳالهه ٻولهه ناممڪن بڻجي وئي آهي، ڇو ته ٻنهي ڌرين کي خبر آهي ته آخري فيصلو ٻئي هنڌ ٿيندو آهي.
هاڻوڪي هائبرڊ نظام جي مضبوطيءَ جو هڪ وڏو سبب عالمي سهڪار آهي. آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ سان پاڪستان جي طاقتور حلقن کي وڏو اطمينان حاصل ٿيو آهي. ان اڳ کان به ريپبلڪن صدرن رونالڊ ريگن ۽ جارج بش جي وقت ۾ به پاڪستان جي ملٽري اسٽيبلشمنٽ سان لاڳاپا استحڪام ۽ دهشتگردي خلاف جنگ تي ٻڌل هئا ۽ جمهوري قدرن تي گهٽ ڌيان ڏنو ويو هو. هاڻي به چين جي وڌندڙ اثر کي روڪڻ، افغانستان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان کي هڪ مرڪزي طاقت سان گڏ رکڻ آمريڪي مفاد ۾ آهي. مثال طور، جڏهن عمران خان آمريڪي سازش جو الزام لڳايو ته ان کي گهڻو ڌيان نه ڏنو ويو، ڇو ته واشنگٽن کي هاڻوڪو بندوبست وڌيڪ آسان لڳو ٿي. ساڳي ريت، سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات جهڙا خليجي ملڪ به هن نظام سان کليل دل سان سهڪار ڪن ٿا، خاص طرح سان مئي 2025 ۾ هندستان کي سندس ڪيل اڳرائيءَ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻوڪي فوجي قيادت جي اهميت گهڻي وڌي وئي آهي. سعودي عرب، پاڪستان کي اربين ڊالرن جي مالي مدد ڏني آهي ۽ پاڪستان سان دفاعي ٺاهه ڪيو آهي. متحده عرب امارات به سيڙپڪاري ۽ سفارتي سهڪار ذريعي هن نظام کي مضبوط ڪري رهيو آهي. مصر جهڙا ملڪ به پاڪستان جا اتحادي بڻيا آهن. عبدالفتاح السيسي جي حڪومت کان پوءِ مصر ۾ فوجي اثر تمام واضح آهي ۽ پاڪستان سان گڏيل فوجي مشقون، هٿيارن جي خريداري ۽ انٽيليجنس شيئرنگ وڌي وئي آهي. اهڙي ريت، پاڪستان جو طاقتور ادارو پاڻ کي هڪ وسيع علائقائي بلاڪ جو حصو سمجهي ٿو، جتي هائبرڊ يا نيم آمراڻا نظام عام آهن. ان جو فائدو اهو آهي ته عالمي طاقتون جمهوريت جي کوٽ تي تنقيد بدران هائبرڊ نظام جي تعريف ڪن ٿيون.
پر هن هائبرڊ نظام کان وڏو خطرو پاڪستان جي ننڍين قومن کي آهي، خاص طرح سان سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جهڙن صوبن کي آهي. انهن صوبن جي وسيلن تي وفاق جو مرڪزي ڪنٽرول، سندن معاشي ۽ صوبائي آزاديءَ کي 18ھين آئيني ترميم ۾ مليل تحفظ کي ختم ڪري ٿو. سنڌ لاءِ ته هي نئون هائبرڊ نظام موت جو وارنٽ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن صوبي جي معيشت ۽ زندگيءَ جو بنياد سنڌو درياهه آهي، جنهن جي پاڻيءَ جي ورهاست تي ارسا ۽ صوبائي حڪومت جي اختيارن کي گهٽايو پيو وڃي. خاص طرح سان پنجاب اندر ڪينالن ۽ ڊيمن جا منصوبا سنڌ کي سڪائي ڇڏيندا. انهيء کان سواءِ لکين ايڪڙ زمين جي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ الاٽمنٽ، سنڌ ۽ بلوچستان جهڙن صوبن جي مقامي آباديءَ لاءِ وڏو خطرو آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ٺاهيل گرين پاڪستان انيشيئٽو ڪمپني جي نالي تي پرڏيهي، مقامي سرمائيدارن ۽ گمنام ماڻهن کي سرائيڪي وسيب، سنڌ ۽ بلوچستان جون بهترين زرعي زمينون الاٽ ڪيون پيون وڃن، خاص طرح سان ٿر، بدين، ٺٽو ۽ سانگھڙ ضلعن ۾. بلوچستان جي معدني وسيلن جو به ساڳيو حال آهي، جتي ريڪوڊڪ منصوبي ۽ گوادر جي زمينن تي مقامي بلوچن جو ڪوبه حق ناهي، پر مرڪزي ادارا انهن کي قومي ترقيءَ جي نالي تي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکيو ويٺا آهن. بجيٽ جي ورهاست تي به هائبرڊ نظام اثر انداز ٿئي ٿو. دفاعي بجيٽ ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي، جڏهن ته پبلڪ ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جو حصو گهٽجي رهيو آهي. 2025-26 جي بجيٽ ۾ دفاعي خرچن ۾ اربين روپين جي واڌ ٿي، پر تعليم، صحت ۽ زراعت لاءِ الاٽمينٽ گهٽجي وئي آهي. ننڍن صوبن لاءِ ترقياتي فنڊن جي کوٽ ۽ ڪرپشن سبب سندن بنيادي ڍانچو تباهه ٿيندو پيو وڃي، روڊ، اسڪول ۽ اسپتالون برباد آهن.
هن وقت هائبرڊ نظام، ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۽ افغانستان ۽ ڀارت جي سرحدن تي جنگي صورتحال باوجود مضبوط نظر اچي ٿو. حڪومت ڪمزور آهي ۽ اپوزيشن منتشر آهي. هن وقت هائبرڊ نظام لاءِ عالمي سهڪار موجود آهي ۽ سماج ۾ منظم مزاحمت ناهي. پر هيءُ نظام ڪيتري عرصي تائين هلي سگهندو؟ ساڳي طرح حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهيون ٿينديون يا نه؟ ۽ جيڪڏهن ٿيون ته ان جي ڪاميابيءَ جا ڪيترا امڪان آهن؟ انهن سوالن جا جواب مشڪل آهن.
سياسي ڪارڪنن ۽ دانشورن جي هڪ حصي جي اها راءِ آهي ته معاشي بحران، سماجي ناانصافي ۽ نوجوانن جي مايوسي آخرڪار ڪڏهن نه ڪڏهن ڦاٽي پوندي، خاص طرح سان ننڍين قومن جي وسيلن تي مرڪز پاران قبضي جي ڪوشش سبب پيدا ٿيندڙ بيچيني وڌندي پئي وڃي. انهيء جي ڪري عوام جي صبر جو پيمانو ضرور ڀرجي ويندو ۽ تبديلي ضرور ايندي، چاهي ان جو رستو ڪيترو به ڏکيو ڇو نه هجي. سندن اهو به خيال آهي ته خيبرپختونخوا ۾ هلندڙ دهشتگردي ختم ڪرڻ جي لاء دفاعي ادارن کي صوبائي حڪومت جي حمايت ۽ مدد جي ضرورت آهي، جيڪا صرف تحريڪ انصاف مهيا ڪري سگهي ٿي، انهيث جي ڪري اسٽيبلشمنٽ به ڳالهيون چاهي ٿي. پر انهن سوچ جي ابتڙ تازو هڪڙو تفصيلي مضمون نديم پراچا ڊان اخبار ۾ لکيو آهي ۽ جنهن ۾ ڄاڻايو اٿس ته ملڪ جي هاڻوڪي هائبرڊ نظام کي هلائڻ لاءِ ملڪ جي فوجي اسٽيبلشمنٽ ڪامياب عالمي نظامن جو جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ ترڪي، مصر، انڊونيشيا ۽ روس جا نظام شامل آهن. پاڪستان جو نئون هائبرڊ نظام، مضبوط مرڪز، پاپولسٽ ليڊرشپ مخالف ۽ ملڪ جي سڄي نظام کي هلائيندڙ هوندو ۽ جيڪي سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ انهيء ڳالهه کي قبول ڪندا، انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو. انهيء جي ڪري هاڻوڪي عالمي، معاشي ۽ سياسي صورتحال نئين هائبرڊ نظام لاءِ سازگار آهي ۽ هي ڊگهي عرصي تائين قائم رهندو. انهيء سوچ مطابق ته تحريڪ انصاف کي عمران خان کي مائنس ڪري مفاهمت ڪرڻي پوندي.