| حڪومت ۽ پي ٽي آءِ پارلياماني قيادت ۾ غير رسمي رابطو: وفاقي سرڪار پاران ڳالهين کان اڳ ڪوبه شرط مڃڻ کان انڪار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي پارلياماني قيادت وچ ۾ غير رسمي رابطو. ذريعن مطابق ن ليگ جي اعليٰ قيادت جي هدايت بعد اسپيڪر اياز صادق ۽ ٻين ن ليگ اڳواڻن پي ٽي آءِ جي پارلياماني قيادت کي ٻيهر ڳالهين واري ميز تي اچڻ لاءِ چئي ڇڏيو، حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ رابطي دوران موجوده سياسي صورتحال ۾ ڳالهين جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو ويو۔ پي ٽي آءِ جي پارلياماني قيادت فيصلا سازي ۾ پنهنجي محدود ڪردار جو اعتراف ڪندي حڪومت تي اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ تي زور ڏنو آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت، پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪنهن به قسم جون اڳواٽ شرطون مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ ڳالهين ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پي ٽي آءِ اندر فيصلا سازي جو فقدان آهي، ڇو ته موجوده قيادت مان ڪنهن وٽ به حتمي اختيار موجود ناهن. باني پي ٽي آءِ ۽ سوشل ميڊيا تي امڪاني رد عمل جي خوف سبب پارٽي اڳواڻ ڳالهين جي همٿ نه پيا ڪري سگهن، جنهن ڪري پارٽي اندر مختلف ۽ متضاد موقف سامهون اچي رهيا آهن۔ حڪومتي ذريعن مطابق اندروني اختلافن جو شڪار پي ٽي آءِ سان في الحال ڪنهن به بامقصد ڳالهين جي اميد ناهي۔حڪومت جو موقف آهي ته ڳالهيون هميشه ڪجهه وٺو، ڪجهه ڏيو جي اصول تحت ٿينديون آهن، پر پي ٽي آءِ وٽ هاڻي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي رهيو، رياست سان ٽڪراءَ ۾ هو پنهنجا سڀ آپشن استعمال ڪري چڪي آهي۔حڪومت کي پي ٽي آءِ کان ڪنهن به قسم جو ڪو خوف ناهي۔