حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ خميس تي ٻيهر ڳالهيون: ساڳيا مطالبا برقرار: اسٽيبلشمينٽ يا ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندس: عمران
ڊسمبر 31, 2024
اسلام آباد/راولپنڊي(بيورو رپورٽ + م ڊ) حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون جو ٻيو دور خميس تي ٿيندو، پاڪستان تحريڪ انصاف مشاورت کان پوءِ حڪومت آڏو 2 مطالبا رکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. عمران چيو آهي ته نه مون کي اسٽبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻي آهي نه ڪوئي ٻيو ملڪ مون کي آزاد ڪرائي رهيو آهي، ملٽري ڪورٽس ۽ آئيني بينچ ٺاهي ملڪ مان رول آف لا جو خاتمو ڪيو ويو، ملٽري ڪورٽس مان عام شهرين کي سزائون ڏياري سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ بدنامي کنئي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جڊيشل ڪميشن جوڙڻ ۽ قيدين جي آزادي جي مطالبي تي مشاورت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف حڪومتي ٽيم آڏو ٻه مطالبا لکت ۾ رکندي، پي ٽي آءِ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو لکت ۾ مطالبو رکندي. تحريڪ انصاف جيل ۾ پنهنجي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ به لکت ۾ مطالبو ڪندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت سان اسان جون ڳالهيون 2 جنوري تي ٿينديون، جنهن لاءِ پنهنجي ڳالهين واري ٽيم سان صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون ۽ ملاقاتون به جاري آهن. اسان جا مطالبا واضح آهن، باني تحريڪ انصاف سميت سياسي قيدين جي آزادي ۽ هڪ ڪميشن جوڙيو وڃي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته ڳالهين واري ٽيم جا سمورا ميمبر ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. جڏهن ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور 2 جنوري ٿيندو جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جاري ڪيو ويو آهي، اسپيڪر اياز صادق اجلاس جي صدارت ڪندو، پي ٽي آءِ چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪندي ٻئي طرف باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته اسٽبلشمينٽ يا ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندس، عليمه خان ڀاءُ عمران سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران چيو آهي ته عدليه جو مذاق بڻايو ويو آهي، آئون هر ڪيس وڙهندس، جڏهن ڪيس وڙهي رهيو آهيان ته مون کي ڊيل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اسٽبلشمينٽ يا ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندس. عليمه خان موجب عمران جو چوڻ هو ته 9 مئي انهن ڪيو جن سي سي ٽي وي فوٽيج چوري ڪيون، 9مئي جي سازش پهريان ئي ڪئي وئي هئي، جن ماڻهن 9 مئي بعد پارٽي ڇڏي انهن جا ڪيس معاف ڪيا ويا، 26 نومبر بعد لاتعداد ماڻهو مسنگ آهن، لال مسجد وانگر لاش دفنايا ويا، اوهان ملڪ جي سرحدن جو فڪر ڪريو، ٻه مطالبا آهن 9مئي ۽ 26 نومبر تي عدالتي ڪميشن ٺاهي وڃي ۽ بيگناهه قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. عليمه خان موجب عمران چيو ته آئون بني گالا ۾ هائوس اريسٽ تي نه ويندس.