| حڪومت ۽ پ پ ۾ ڊيڊلاڪ: 27هين ترميم سينيٽ ۾ پيش نه ٿي، اڄ لاءِ تياريون، وفاقي ڪابينا ۽ اسٽينڊنگ ڪاميٽي اجلاس طلب |
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) 27هين آئيني ترميم تي حڪومت ۽ پ پ ۽ ڊيڊلاڪ، وفاقي ڪابينا جو اجلاس ملتوي، سينيٽ ۾ به ترميم پيش نه ٿي. وفاقي ڪابينا جو ڪالهه سڏايل اجلاس ملتوي ڪيو ويو، ذريعن موجب اجلاس ۾ 27هين آئيني ترميم جي منظوري جو امڪان هو. پر اجلاس پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي جاري اجلاس سبب ملتوي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس لاءِ 13 نقاطي ايجنڊا تيار ڪئي وئي هئي. حڪومت پاران پ پ جون تجويزون شامل ڪري حتمي مسودو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي، وزيراعظم باڪو کان وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيندو، هوڏانهن پيپلز پارٽي جي اعتراض سبب سينيٽ ۾ 27هين آئينِي ترميم پيش نه ٿي سگهي. حڪومت اڄ ڇنڇر واري موڪل واري ڏينهن سينيٽ جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، پ پ سان معاملا ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ ئي سينيٽ ۾ آئينِي ترميم پيش ٿيڻ جو امڪان آهي. حڪومتي ذريعن موجب قانون واري وزارت 27هين آئيني ترميم جو ابتدائي مسودو تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، مملڪتي وزير بئرسٽر عقيـل ۽ سيڪريٽري قانون تي ٻڌل ٽيم تيار ڪيو. ذريعن ٻڌايو ته آئينِي ترميم جي گهڻن نقطن تي اتفاقِ راءِ ٿي چڪو آهي، باقي مشاورت جاري آهي. حڪومت پيپلز پارٽي کي خاطري ڪرائي آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميمي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ حڪومت پيپلز پارٽي جي جواب جي منتظر آهي. پيپلز پارٽي کان گرين سگنل ملڻ بعد 27هين آئيني ترميم جي مسودي کي حتمي شڪل ڏني ويندي جنهن ۾ پ پ جون تجويزون به شامل هونديون، جڏهن ته متحده ۽ ق ليگ سوڌو حڪومت جون ٻيون اتحادي پارٽيون 27هين ترميم جي حمايت ڪري چُڪيون آهن، ذريعن جي دعويٰ آهي ته پيپلز پارٽي جو فيصلو اچڻ بعد وفاقي ڪابينا پاران سرڪيوليشن سمري وسيلي 27هين ترميم جي منظوري ڏني ويندي، سينيٽ جي اجلاس ۾ 27هين ترميم پيش ڪئي ويندي، وزيراعظم جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته آئيني عدالت ۽ آرٽيڪل 243 تي اتفاق راءِ ٿي چُڪو آهي، 27هين ترميم جي ٻين نقطن تي صلاح مشورا جاري آهن، 18هين ترميم سان ڇيڙڇاڙ نه ڪئي ويندي، مالياتي ايوارڊ تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ممڪن آهي اڄ رات معاملا طئه ٿي وڃن. ٻئي طرف سينيٽ جي قانون ۽ انصاف جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس اڄ منجهند جو طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آئيني ترميم تي غور ڪيو ويندو اجلاس سڀاڻي آچر جي ڏينهن به ٿيندو.