حڪومت ۽ گڊز ٽرانسپورٽرز ۾ ڳالهيون ڪامياب: تيل اگهه هفتو يا 15 ڏينهن نه وڌائڻ تي اتفاق

حڪومت ۽ گڊز ٽرانسپورٽرز ۾ ڳالهيون ڪامياب: تيل اگهه هفتو يا 15 ڏينهن نه وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان سان آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽرز اتحاد جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. گڊز ٽرانسپورٽرز سان ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڳالهين کانپوءِ طئي ٿيل فيصلن کي حتمي شڪل ڏني وئي. وفاقي وزير مواصلات چيو ته موجوده ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪسٽمز اختيارين ۽ گڊز ٽرانسپورٽرز تي ٻڌل گڏيل مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز کي اهم معاملن تي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير مواصلات گڊز ٽرانسپورٽرز کي ويٽ اسٽيشن بابت شڪايتون جلد ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سمورين موٽرويَن تي جديد ترين ۽ گهٽ ۾ گهٽ انساني وسيلن سان هلندڙ ويٽ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. ڪسٽمز اختيارين سان ٽرانسپورٽرز کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ مختصر ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گڊز ٽرانسپورٽرز جي وفد اسلام آباد ۾ مهمان نوازي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان جو شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير مواصلات جي هدايت تي ايف بي آر جي سينيئر اختيارين گڊز ٽرانسپورٽرز جي اهم تجويزن تي مشاورت مڪمل ڪئي. پورٽ اينڊ شپنگ ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي اختيارين پڻ گڊز ٽرانسپورٽرز کي اهم معاملن بابت بريفنگ ڏني. گڊز ٽرانسپورٽرز کي پيٽروليم شين جي قيمتن جي تعين بابت وزارت جي سينيئر اختيارين طرفان خاطري ڪرائي وئي. ٽرانسپورٽرز جي ايڪسل لوڊ واري مسئلي کي هڪجهڙي پاليسي تحت بنيادي سطح کان ئي ڪنٽرول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي. وفاقي سيڪريٽري مواصلات، چيئرمين اين ايڇ اي، آءِ جي موٽروي پوليس ۽ سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ۽ مشاورت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ شهزاد اعوان، ناصر جعفري، اويس چوڌري، قمر الزمان، بختيار خان شرڪت ڪئي. ذريعن موجب گڊز ٽرانسپورٽرز ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين دوران پيٽروليم شين جون قيمتون هڪ هفتي يا 15 ڏينهن تائين نه وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، ٽرانسپورٽرز ۽ حڪومت وچ ۾ هڪ سال تائين ٽول ٽيڪس نه وڌائڻ تي اصولي اتفاق ٿيو، حڪومت ۽ آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهي. ڳالهين ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون فوري طور نه وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو هڪ هفتي يا 15 ڏينهن تائين ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي.