حڪومت ۽ گڊز ٽرانسپورٽرن ۾ ڳالهيون: خاطريون: ڪميٽيون قائم: هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي

حڪومت ۽ گڊز ٽرانسپورٽرن ۾ ڳالهيون: خاطريون: ڪميٽيون قائم: هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي

ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) حڪومت ۽ گڊز ٽرانسپورٽرن ۾ ڳالهيون: خاطريون: هڙتال 40 ڏينهن لاءِ ملتوي، ان ڏس ۾گورنر نهال هاشمي جي صدارت هيٺ گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان، سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني، پنجاب جي وزير ٽرانسپورٽ بلال اڪبر، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، سيڪريٽري ڪميونيڪيشن، آءِ جي موٽروي پوليس، اين ايچ اي چيئرمين ۽ پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي وفد شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر نهال هاشمي چيو ته ٻنهي ڌرين هڪٻئي جو موقف فراخدلي سان ٻڌو ۽ مختلف معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته ملڪ کي غيرمعمولي حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، موجوده سياسي ۽ معاشي مسئلن جا سبب بين الاقوامي حالتن سان پڻ لاڳاپيل آهن،  وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عوام کي هر ممڪن رليف ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي گڊز ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن جي صدر ملڪ شهزاد چيو ته ٽرانسپورٽرن لاءِ پاڪستان جو مفاد سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. اسان جي هڙتال گذريل 9 ڏينهن کان جاري هئي، اسان وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن آڏو پيٽروليم شين جون قيمتون روزاني بنياد تي مقرر ٿيڻ، ود هولڊنگ ٽيڪس، ٽول ٽيڪس،  پارڪنگ ۽ 10 ويلر گاڏين سميت مختلف مسئلا مطالبا رکيا هئا. هن چيو ته وزيراعظم وفاقي وزير عبدالعليم خان جي سربراهي ۾ خصوصي ڪاميٽي جوڙي وئي هئي، جنهن ٽرانسپورٽرن سان ڳالهين جا ڪيترائي دور ڪيا. هن چيو ته ٽرانسپورٽرن جو واضح موقف هو ته نوٽيفڪيشن ملڻ تائين هڙتال ختم نه ٿيندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڊسمبر ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ڪيل واعدن تي عمل ٿي وڃي ها ته اڄ هڙتال جي صورتحال پيدا نه ٿئي ها. هن چيو ته ڳالهين دوران سنڌ حڪومت پاران سعيد غني ۽ ميئر مرتضيٰ وهاب پارڪنگ جو مسئلو  حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن کي روزاني بنياد بدران مناسب طريقي سان مقرر ڪرڻ بابت 15 ڏينهن جي مهلت طلب ڪئي. ود هولڊنگ ٽيڪس بابت ناڻي وزارت ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي، جڏهن ته ٽول ٽيڪس ۽ ٽول پلازن جي مسئلن لاءِ پڻ ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملڪ شهزاد چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ٽرانسپورٽرن جا ڪجهه مطالبا فوري طور حل ڪيا آهن، باقي مطالبا ڪابينا جي منظوري کانپوءِ 15 کان 20 ڏينهن اندر حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پنجاب حڪومت ايڪسل لوڊ بابت قانون تي 100 سيڪڙو عملدرآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽرانسپورٽر انهي قانون تي عملدرآمد ۾ حڪومت سان سهڪار ڪندا. ملڪ شهزاد اعواڻ اعلان ڪيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي مطالبا حل ڪرڻ لاءِ 40 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي،  اسان هڙتال ختم نه پر 40 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن حڪومت واعدا پورا نه ٿيا ته ٽرانسپورٽر پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي ٻيهر احتجاج ڪرڻ ۾ حق بجانب هوندا. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ٽرانسپورٽرن جا حل مطالبا ٻڌا آهن، جيڪي مسئلا فوري طور حل ٿي سگهيا، انهن تي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي. باقي معاملن لاءِ مختلف ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني پڻ ڳالهين ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو، جڏهن ته پنجاب جي وزير پڻ ڪيترائي مسئلا حل ڪيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته جيڪي مسئلا اڃا حل نه ٿي سگهيا آهن، اهي ايندڙ ڏينهن ۾ حل ڪيا ويندا.