حڪومت ۾ اچي 17 وڏيون وزارتون ختم ڪري 3 سئو يونٽ بجلي مفت ڏينداسين:بلاول ڀٽو زرداري

ڊسمبر 26, 2023

نوابشاهه (رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وفاق جون 17 وڏيون وزارتون بند ڪري 300 ارب رپيا عوام تي لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فرٽيلائيزر، توانائي ۽ ٻين سيڪٽرن کي ڏني ويندڙ 1500 ارب رپين جي سبسڊي مزدورن ۽ هارين کي سڌي ريت ڏينداسين، ھن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ 17وزارتون ختم ٿيڻيون هيون پر ختم نه ڪيون ويون، انهن 17وزارتن تي هر سال 100 ارب رپيا خرچ ٿيندا آهن، هن چيو ته اقتدار ۾ اچي هاري، مزدور، نوجوان ڪارڊ ۽ غريبن کي 300 يونٽن تائين مفت بجلي ڏينداسين، سولر ۽ ونڊ پاور منصوبا لڳائي پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪنداسين، واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ضرورت نه پوندي، هن جو چوڻ هو ته ايندڙ حڪومت کي واعدو ڪرڻو پوندو ته 5 سالن اندر پگهارون ٻيڻيون ڪندي، پراڻا سياستدان ملڪ جو ماضي آهن، توهان مستقبل آهيو، اسان گڏجي محنت ڪنداسين ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهنداسين، هن چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مزدورن کي حق ڏنو، اسان چاهيون ٿا ته مزدور ڪارڊ ذريعي پنهنجي مزدورن کي سهولت ڏيون، ھن چيو ته هاڻي پيسو بچائي پنهنجي عوام تي خرچ ڪري سگهون ٿا، ھن چيو ته ملڪ جي آبادي جو 70 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ انهن جو حق آهي ته کين روزگار ۽ تعليم جا بهترين موقعا فراهم ڪيا وڃن، ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڪاليج جي ثقافتي تقريب جو افتتاح ڪيو، جڏھن ته بختاور گرلز ڪيڊٽ ڪاليج مان 57 شاگردياڻيون پاس آئوٽ ٿيون.

Leave A Comment