حڪومت 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهه وڌائي ڇڏيا
جُولاءِ 1, 2025
اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
ڊيزل جي اگهه ۾ 10.39 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جا نئون اگهه 272.98 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي.
حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 8.36 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن سان پيٽرول جي نئين قيمت 266.79 رپيا ٿي وئي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ٻئي طرف ذريعن موجب پيٽروليم شين جي نئين قيمتن تي 2.50 رپيا ڪاربن ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب پيٽرول تي ليوي گهٽائي 75.52 رپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي ليوي 74.51 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.